وزير اعظم جي صدر سان ملاقات، پاڪ-چين راهداري منصوبي سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم نواز شريف صدر ممنون حسين سان ايوان صدر اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن قومي اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ملاقا ۾ پاڪ چين اقتصادي راهداري، توانائي جا منصوبا، امن امان لائين آف ڪنٽرول ۽ والاريل ڪشمير جي ورڪنگ بائونڊري تي پيدا ٿيندڙ صورتحال سميت سمورن معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، وزير اعظم صدر کي حڪومت پاران اقتصادي ۽ عوامي ڀلائي جي ڏس ۾ ڪيل قدمن کان آگاهه ڪيو، صدر حڪومت جي معاشي پاليسين کي ساراهيندي چيو ته ان پاليسين سبب قومي معيشت مضبوط ٿي آهي ۽ ان جا اثر عام ماڻهو تائين پهچي رهيا آهن، صدر ۽ وزير اعظم پاڪ چين اقتصادي راهداري جي تعمير جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته اهو منصوبو نه صرف پاڪستان پر سڄي خطي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو، ٻنهي اڳواڻن اهو عزم به ڪيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري جي عظيم منصوبي سان سمورا صوبن ۽ خطي کي هڪجهڙا فائدا حاصل ٿيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *