
اسلام آباد(م.ڊ) وزير اعظم جي صدارت هيٺ سيڪيورٽي بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ يوم عاشور تي امن امان جي بهتر صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو آهي. اسلام آباد وزير اعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير، چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ آءِ جي پنجاب سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ اندرين سيڪيورٽي ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وزير اعظم يوم عاشور جي موقعي تي سيڪيورٽي صورتحال بهتر رکڻ تي سيڪيورٽي ادارن جي تعريف به ڪئي.