وزير اعظم جي شگر مل مان ”را“ جا ايجنٽ گرفتار ٿيا، ملڪ ۾ مشرف لاءِ ڌار نظام ۽ ڀُٽي لاءِ ڌار ڇو؟:بلاول ڀٽو زرداري

لاڙڪاڻو/ڳڙهي خدابخش ڀٽو(نمائندن وٽان ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزير اعظم جي شگر مل مان ”را“ جا ايجنٽ گرفتار ٿيا، ملڪ ۾ مشرف لاءِ ڌار نظام ۽ ڀُٽي لاءِ ڌار ڇو آهي؟ وزير اعظم نواز شريف ٻڌائي ته آئين ٽوڙيندڙ مشرف کي ڇو ڇڏيو ويو؟ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ايٽم بم ٺاهڻ ۽ ملڪ کي آئين ڏيڻ جي سزا ڏني وئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي  37 هين ورسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجي پيءَ کي يارهن سال قيد ڇو رکيو ويو. منهنجي مامي ۽ ناني کي قتل ڇو ڪيو ويو؟ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڏوهه اهو هو جو هن ملڪ کي آئين ڏنو، هُن وڏيرا شاهي کي ختم ڪيو، بي زمين هارين کي مفت زمين ڏني، شهيدن جي رت سبب اڄ پاڪستان جو چهرو روشن آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته الله ظالمن جو پردو کڻڻ وارو آهي. هن چيو ته شهيد ڀٽو جو سڀ کان وڏو ڏوهه اهو هو جو هُن ملڪ جو دفاع مضبوط ڪرڻ لاءِ ايٽم بم ڏنو.  هن چيو ته ميان صاحب! توهان ٻه ڀيرا ملڪ جو آئين ٽوڙيندڙ کي ڪيئن پرڏيهه وڃڻ ڏنو. هن چيو ته اسان عوام پڇي ٿو ته شهيد بينظير ڀٽو جي قتل جو جوابدار ڪيئن ڀڄي ويو. اسان مشرف کي صدارت تان هٽائي توهان حوالي ڪيو، ان کي ڇو ڇڏيو ويو؟ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عدالت پڇي ٿي ته مشرف جي واپسي جو جواب ڪير ڏيندو؟ هن چيو ته حڪمران چوندا هئا ته ڪستو ٽوڙي ڇڏيو آهي، پر  روزانو پنج ارب رپين جو قرض عوام جي نالي تي کائي رهيا آهن. ٽن سان ۾ ساڍا چار کرب رپيا قرض ورتا ويا. اڄ اها حالت آهي جو هر پيد اٿيندڙ ٻار لکين رپين جو قرضي آهي. وزير اعظم قرض لاهڻ جي آڙ ۾ قومي اثاثا وڪڻي ڇڏيا. هن چيو ته نوجوان روزگار لاءِ ڌڪا کائي رهيا آهن پر وزير اعظم کي پرڏيهي دورن کان فرصت ناهي. حڪمرانن قومي اثاثا دوستن ۾ ورهائي ڇڏيا. هي ڪهڙي حڪمراني آهي.هن چيو ته ملڪ ۾ مشرف لاءِ ڌار نظام ۽ ڀُٽي لاءِ ڌار ڇو آهي؟ بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته بيگناهن جو رت وهائيندڙ ته ظالم آهن ئي پر انهن جو ساٿ ڏيندڙ ۽ انهن کي پناهه ڏيندڙ به اوترا ئي ڏوهي آهن. حڪمرانن جي غلط پاليسين جي ڪري لاهور ۾ اقبال پارڪ وارو واقعو پيش آيو. دنيا اسان کي شدت پسند ۽ انتها پسند سمجھي ٿي. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته عوام پڇي ٿو ته نيشنل ايڪشن پلان تي ڪڏهن عمل ٿيندو؟ هن چيو ته حڪمرانن جي نيت ئي ناهي ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪجي يا حڪمرانن کي نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻ جي سگھه ئي ناهي. هن چيو ته حڪومتي وزير نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻ نٿا ڏين، عمل ٿي رهيو هجي ها ته هزارين ماڻهو پنڊي کان اسلام آباد ۾ پارليامينٽ آڏو ويهي نفرت جوڳيون تقريرون ڪري سگھن ها. هن چيو ته سڄي دنيا گواهه آهي ته ڌرڻي وارن وزير اعظم، آرمي چيف، چيف جسٽس خلاف ڪهڙا گٿا لفظ ڳالهايا. هن چيو ته چوڌري نثار کي ڪنهن خلاف ڳالهائڻو هوندو آهي ته ٽي ٽي ڪلاڪ پريس ڪانفرنس ڪندو آهي، پر دهشتگردي خلاف هڪ منٽ به نه ڳالهائيندو آهي. هن چيو ته دهشتگردن لاءِ گھرو وزير رت جا ڳوڙها وهائيندو آهي پر منهنجو لاهور سڙي رهيو هو ته هو گم هو.  بلاول ڀٽو چيو ته اسين پنهنجي شهيد عوام جي رت جو حساب گھرون ٿا. هن چيو ته حڪومت ڪنفيوز آهي، حڪمرانن وٽ نه گھرو پاليسي آهي نه پرڏيهي پاليسي. هن چيو ته وزير اعظم جي شگر مل مان ”را“ جا ايجنٽ گرفتار ٿين ٿا. وزير اعظم قوم کي مايوس ڪيو. هن چيوته شهيدن جو اولاد آهيان، قسم کڻي چوان ٿو ته دهشتگردن سان وڙهندس. عوام منهنجي هٿ ۾ هٿ ڏئي. آئون واعدو ڪريان ٿو ته هن ملڪ کي ترقي پسند ۽ پر امن پاڪستان بڻائينداسين. اسان هن ملڪ مان دهشتگردي کي ختم ڪنداسين. اسين ڪشميرين سان گڏ هلڻ جو واعدو ڪريان ٿو.  پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 37 هين ورسي اڄ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، ان حوالي سان پ پ پ ضلعي لاڙڪاڻي پاران انتظام پورا ڪيا ويا هئا، جڏهن ته ورسي لاءِ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ کان هزارن جي انگ ۾ قافلا پڻ ڳڙهي خدابخش پهتا، ورسي جي مُک تقريب کي پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي آغا سراج دراني، سينيئر تعليم وارو صوبائي وزير نثار احمد کهڙو ۽ مرڪزي توڙي صوبائي اڳواڻ خطاب  ڪيو،  ورسي تقريبن جي شروعات صبح جي وقت ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ قرآن خواني سان ٿي، جنهن کان پوءِ پارٽي جا مرڪزي، صوبائي اڳواڻ توڙي ڪارڪن پنهنجي قائد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني ڪئي،  جلسي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي زندگيءَ تي مقالا پيش ڪيا ويا. لاهور جي گلشن پارڪ ۾ پيش آيل واقعي کان پوءِ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جلسي گاهه جي اندر ۽ ٻاهر سيڪيورٽي کي سخت ڪندي 6500 پوليس اهلڪار، 300 رينجرس، 1100 جانثارن سوڌو وومين پوليس سان گڏ ٽريفڪ اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيدن جي مزار تي ايندڙ ڪارڪنن کي واڪ ٿرو گيٽس مان گذاريو  ويو ۽ سي سي ٽي ڪيمرائون لڳايون ويون هيون جن جي ذريعي سيڪيورٽي جي مانيٽرنگ ڪئي پئي وئي. ورسي جي حوالي سان ضلعي جي سمورن داخلي ۽ خارجي روڊن تي پوليس جون پڪٽون قائم ڪيون ويون ۽ پارڪنگ جي حوالي سان جلسي گاهه ويجھو بنگل ديرو ڳڙهي خدا بخش روڊ ۽ پنجو ديرو روڊ تي ٻن 20 ۽ 15 ايڪڙن تي ايراضي مختص ڪئي وئي هئي. ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي جلسي گاهه ۾ شرڪت لاءِ ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ کان ايندڙ پارٽي جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن لاءِ الڳ الڳ روٽ ٺاهيا ويا  هئا جنهن ۾ گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير، خيبرپختونخواهه، پنجاب، گهوٽڪي۽ سکر کان ايندڙ قافلن لاءِ لکي غلام شاهه، مديجي پنجو ديرو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو روڊ تان ڪارڪنن توڙي اڳواڻن جي آمد جو سلسلو پڻ جاري هو ڪارڪنن جي آمد لاءِ بلوچستان، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، شڪارپور کان ايندڙ قافلن لاءِ ڳڙهي ياسين، رتوديرو روڊ، ڳڙهي خدا بخش ڀٽو روڊ، بلوچستان جي شهرن کان ايندڙ قمبر شهدادڪوٽ شهدادڪوٽ، رتوديرو روڊ، رتوديرو بنگل ديرو روڊ ۽ ڳڙهي خدا بخش توڙي بنگل ديرو روڊ، ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، ٺٽو، سانگهڙ، ميرپور خاص، عمر ڪوٽ، ٿرپارڪر، بدين، ٽنڊوالهيار، مٽياري ۽ دادو کان ايندڙ قافلن لاءِ سيوهڻ، دادو، لاڙڪاڻو، بنگل ديرو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو روڊ کي مقرر ڪيو ويو هو،  پاڪستان پيپلز پارٽي پاران جلسي گاهه اندر ڪارڪنن لاءِ کاڌ خوراڪ جو بندوبست پڻ ڪيو ويو هو ۽ ان سلسلي ۾ ڪارڪنن کي بهتر سهولتون ڏيڻ لاءِ مختلف ڪمپنين سان رابطو ڪري کائڻ پيئڻ جي مختلف شين جا اسٽال برياني، جوس، چانهه، بسڪيٽ، بوتل فروٽ وغيره لڳايا ويا هئا ان سان گڏ 500 ليٽرن جون 50 ٽينڪون ٿڌي پاڻيءَ جون به لڳايون ويون هيون،  پنڊال جي اندر 2 وڏيون ميڊيڪل ڪيمپون پڻ لڳايون ويون ۽ 10 ايمبولينس ۾ ايمرجنسيءَ لاءِ موجود هيون، گڏوگڏ ايڇ آر سي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو سميت بنگل ديرو، تعلقه اسپتال رتوديرو، نئون ديرو اسپتال سميت لاڙڪاڻي شهر جي سڀني اسپتالن ۽ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ڏانهن ايندڙ سڀني رستن تي موجود بيسڪ هيلٿ يونٽ ۽ آر ايڇ سي ۾ ايمرجنسي پڻ لڳائي وئي هئي. جلسي گاهه اندر اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا جي صحافين لاءِ پڻ بندوبست ڪيو ويو هيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *