وزير اعظم جي بان ڪي مون سان ملاقات، ڪشمير مسئلي تي ڳالهيون

نيويارڪ (م.ڊ) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪشمير سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊي ۾ موجوده حل طلب پراڻن تڪرارن مان هڪ آهي، بان ڪي مون ڪشمير مسئلو پر امن طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي، ڀارت طرفان پرڏيهي سيڪريٽري سطح تي ڳالهين کي منسوخ ڪرڻ تي افسوس ٿيو، اميد ته ڀارتي قيادت خطي ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ مذاڪراتي عمل ٻيهر بحال ڪندي. وزير اعظم نواز شريف جمعي ڏينهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 69 هين اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري بان ڪي مون سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو ان موقعي تي وزير اعظم بان ڪي مون تي زور ڏنو ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترن ئي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي پر امن حل لاءِ قدم کڻي. وزير اعظم ڀارت طرفان پرڏيهي سطح جي مذاڪرات کي منسوخ ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ان سان ڳالهين واري عمل کي ڌڪ لڳو آهي. وزير اعظم اميد ظاهر ڪئي ته ڀارتي قيادت خطي ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ ڳالهين وارو عمل ٻيهر بحال ڪندي، وزير اعظم نواز شريف گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري کي دهشتگردن ۽ انهن جي نيٽ ورڪ جي خاتمي لاءِ پنهنجي حڪومت جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ چونڊ عمل مڪمل ٿيڻ ۽ نئين صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو جي مقرري جو معاهدو طئه اچڻ جي آجيان ڪئي، وزير اعظم خطي ۾ امن ۽ ترقي لاءِ افغانستان جي نئين حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو، بان ڪي مون پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيل تباهي ۽ جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو جڏهن ته وزير اعظم کيس ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ حڪومت جي کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *