وزير اعظم جو ڪڻڪ ۽ اٽي بحران جي ذميوارن خلاف سخت ايڪشن کڻڻ جو اعلان

اسلام آباد(م.ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غريبن ۽ پگهاردار طبقي کي رليف ڏيڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين، غريب عوام جي تڪليفن تي حڪومت خاموش تماشائي نٿي بڻجي سگهي.مهانگي تي ضابطو آڻڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان جي پهرين ترجيح عوام ۽ خاص طور تي غريب ۽ پگهاردار طبقو آهي.وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ غريب ۽ پگهاردار طبقي کي رليف ڏيڻ ۽ گهٽ اگهن تي شيون فراهم ڪرڻ بابت اجلاس ۾ کنيل قدمن تي غور ڪيو ويو، جنهن ۾ موجود بريفنگ به ڏني وئي.وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان جي پهرين ترجيح عوام ۽ خاص طور تي غريب ۽ پگهاردار طبقو آهي، کين رليف ڏيڻ لاءِ هر حد تائين وينداسين.عمران خان چيو ته غريب عوام جي تڪليفن تي حڪومت خاموش تماشائي نٿي بڻجي سگهي.وزيراعظم عوام کي رليف فراهم ڪرڻ بابت اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جو اعلان سڀاڻي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪندو. ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي ترجمانن جو اجلاس ٿيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته هاڻي خزاني وارو صلاحڪار ۽ گورنر اسٽيٽ بئنڪ تبديل نه ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم چيو ته حفيظ شيخ ۽ رضا باقر جي وڃڻ جي خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي. حڪومتي ترجمان جي اجلاس ۾ عمران خان چيو ته ڪڻڪ ۽ اٽي بحران جي ذميوارن خلاف سخت ايڪشن وٺندس. ذريعن جو چوڻ هو ته وزيراعظم پي ٽي آءِ پنهنجي پارٽي کي منظم ۽ متحد رکڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *