وزير اعظم جو پيٽرول ۽ ڊيزل10، 10 رپيا ۽ بجلي 5 رپيا سستي ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان اعلان ڪيو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 10 رپيا ۽ بجلي جي قيمت في يونت 5 رپيا گهٽائيويندي ۽ ايندڙ بجيٽ تائين ٻنهي شين جي قيمت ۾ ڪائي تبديلي نه ٿيندي وزيراعظم سومر تي قوم کي خاص خطاب ڪندي چيو ته ملڪي پرڏيهي پاليسي تي خاص طور تي ڳالهائيندي چيو ته مان تازو ئي ٻه دورا ڪيا ان مان هڪ چين ۽ ٻيو روس جو هو. هن چيو ته دنيا ۾ تيزي سان صورتحال تبديل ٿي رهي آهي ۽ ان جا پاڪستان تي اثر پئجي رهيا آهن هن چيو ته جڏهن کان مان سياست شروع ڪئي ته منهنجي هميشه کان خواهش هئي ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي آزاد هجي آزاد پرڏيهي پاليسي جو مطلب اهو هوندو آهي ته قوم پنهنجي ماڻهن جي فائدي لاءِ پرڏيهي پاليسي ٺاهي ۽ اها پاليسي نه ٺاهي جيڪا ڪنهن ٻئي جي فائدي جو سبب بڻجي ۽ پنهنجي ملڪ کي نقصان ڏي هن چيو ته اسان جڏهن آمريڪا جي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ حصو ورتو ته مان شروع کان چوندو هوس ته اسان جو هن جنگ سان ڪوبه تعلق نه هو 11/9 ۾ هڪ به پاڪستاني ملوث نه هو مان ان وقت کان چوندو هوس ته اسان کي ان ۾ حصو نه وٺن گهرجي عمران خان چيو ته اسان پهريان آمريڪا جي جنگ ۾ سوويت يونين جي خلاف حصو ورتو ۽ جڏهن 10 سالن کان پوءِ شرڪت ڪئي ته پهريان اهو جهاد هو پر جڏهن آمريڪا افغانستان ڏانهن آيو ته ان ان کي دهشتگردي جو نالو ڏئي ڇڏيو مان ان پاليسي جي خلاف هيس ڇو ته هي پرڏيهي پاليسي پاڪستان جي فائدي لاءِ نه ٺاهي وئي هن چيو ته هن جنگ جي ڪري 80 هزار پاڪستاني شهيد ٿيا 35 لک ماڻهن لڏپلاڻ ڪئي قبائلي علائقو تباهه ٿيو ملڪ کي 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ نقصان ٿيو پر ان جي سڀ کان شرم جوڳي ڳالهه اها هئي ته دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ ملڪ ڪنهن جي حمايت ۾ جنگ وڙهي رهيو هو ۽ اهو ملڪ انهيءَ ملڪ تي بمباري ڪري رهيو هو هن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ 400 کان وڌيڪ ڊرون حملا ڪيا ويا جنرل مشرف جي دور ۾ رڳو 10 ڊرون حملا ڪيا ويا پر جيڪي جمهوري ليڊر آصف زرداري ۽ نوازشريف آيا ته انهن جي 10 سالن ۾ 400 ڊرون حملا ڪيا ويا وزيراعظم چيو ته آزاد پرڏيهي پاليسي هجي ها ته انهن ٻنهي اڳواڻن کي آمريڪا کي چوڻ گهرجي ها ته اوهان جي بمباري سان اسان جا ٻار عورتون ۽ بي ڏوهه ماڻهو مري رهيا اهن ته ڇا ان وقت ٻنهي جمهوري اڳواڻن کي ان تي ڪوئي اسٽينڊ نه وٺڻ گهرجي ها ان تي هڪ بيان به نه ڏنو پر آمريڪي صحافي پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو ته آصف زرداري آمريڪي آرمي چيف کي چيو ته ڊرون حملن ۾ ڪوليٽرل نقصان سان مون کي ڪوئي فرق نٿو پوي هن چيو ته هي ان لاءِ هو ته هي ملڪ جي سڌاري بدران پنهنجا پئسا بچائڻ لاءِ ڪن ٿا ۽ اڄ جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ روس جي وڏن وڏن ڪاروباري ماڻهن جا آمريڪا ۽ برطانيا پنهنجي بئنڪن ۾ موجود اثاثا منجمند ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن تنهنڪري اسان جي ملڪ جي پاليسي آزاد ٿي ئي نٿي سگهي هن قوم کي پيغام ڏيندي چيوت ه جيڪڏهن اوهان هن ملڪ ۾ آزاد پرڏيهي پاليسي چاهيو ٿا ته ڪڏهن به هن پارٽي کي ووٽ نه ڏيو جنهن جا پئسا دولت ۽ پراپرٽي پاڪستان کان ٻاهر پئي آهي ڇو ته هو ڪڏهن به آزاد پرڏيهي پاليسي نه ٺاهيندا عمران خان چيو ته مان جيترا به دورا ڪيا جنهن۾ ٻه چين جا اهم دورا هئا ان ۾ اسان جي ملڪ کي به عزت ملي ۽ وقت ثابت ڪندو ته اسان چين ۽ روس ٻنهي هنڌ زبردست ڳالهه ٻولهه ڪئي هن روس جي دوري جي وضاحت ڏيندي چيوت ها سان کي روس ان لاءِوڃڻو هو ڇو ته اسان کي 20 لک ٽن ڪڻڪ روس کان امپورٽ ڪرڻي آهي ۽ ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته روس دنيا جو اهو ملڪ آهي جنهن ۾ دنيا جي 30 سيڪڙو گئس آهي ته پاڪستان جي گئس گهٽجڻ سبب اسان ان سان گئس جا معاهدا ڪيا آهن ۽ اسان ان کان گئس امپورٽ ڪنداسين جڏهن ته چين سان ٿيل معاهدا خاص ڪري سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي حوالي سان به تفصيل سامهون اچي ويندو پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائيمز (پيڪا) جي حوالي سان هن چيو ته ان حوالي سان هڪ شور متل آهي ته آزادي صحافت تي پابندي لڳائي پئيوڃي ۽ ماڻهن جا وات بند ڪيا پيا وڃن پر مان سڀني کي ٻڌائي ڇڏيا ته پيڪا قانون 2016 ۾ ٺهيو هو ۽ ان ۾ اسان رڳو ترميم ڪري رهيا آهيون هن چيو ته اڄ پاڪستان جون اخبارون ۽ ميڊيا کڻي ڏسو ته ان ۾ 70 سيڪڙو خبرون اسان جي خلاف آهن پر اسان کي انس ان ڪوئي فرق نٿو پوي پر هي قانون اسان ان لاءِ آندو تهجيئن پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا تي ايندڙ گند کي روڪي سگهجي ڇو ته دنيا ۾ ڪنهن به مهذب معاشري ۾ اهڙي طرح شيون نٿيون اچن جيڪي اسان جي سوشل ميڊيا تي اچي رهيون آهن هن چيو ته عورتن کي نسآنو بڻايو پيو وڃي جنهنس ان ماڻهن جا گهر تباهه ٿي رهيا آهن ڇو ته فيڪ نيوز سان گند اٿاريو پيو وڃي اڃا تائين ايف آئي اي ۾ رجسٽرڊ 94 هزار ڪيسن مان رڳو 38 جو فيصلو ٿيو آهي هن چيو ته عام ماڻهن کي ته ڇڏيو وزيراعظم کي به نه بخشيو پيو وڃي هڪ صحافي 3 سال پهريان لکيو ته عمران خان جي زال گهر ڇڏي هلي وئي ۽ عمران خان بني گالا ۾ ڪوئي غيرقانوني ڪم ڪيو آهي مان عدالت ۾ ڪيس ڪيو پر 3 سال گذرڻ جي باوجود وزيراعظم جو انصاف نه پيو ملي عمران خان چيو ته ساڳيو صحافي وري لکي رهيو آهي وزيراعظم جي زال گهر ڇڏي هلي وئي آهي جيڪڏهن ملڪ جي وزيراعظم سان ايئن ٿي سگهيٿو ته سوچيو ته ٻين ماڻهن جو ڇا ٿيندو انهيءَ صحافي جڏهن نوازشريف دور ۾ ڪرپشن تي لکيو هو ته ان کي 3 ڏينهن بند ڪري ڏنڊا هنيا ويا هئا هن چيو ته اسان جي وزير جي خلاف هڪ عورت لکيو ته هو انگلينڊ ۾ وڃي انصاف ورتو ۽ مراد سعيد جي خلاف ڳالهه ڪئي وئي آهي ته اهي به انگلينڊ ۾ وڃي ڪيس ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن هن چيو ته شوڪت خانم تي ميڊيا هائوس جنگ گروپ لکيو ته شوڪت خانم جو پئسو تحريڪ انصاف ڏانهن وڃي رهيو آهي ايتري به زحمت نه ڪئي وئي ته گهٽ ۾ گهٽ شوڪت خانم کان پڇي وٺن ٿا حنيف عباسي به اهڙِ قسم جو الزام مڙهيو هو ۽ شوڪت خانم ذيلي عدالتن مان اهو ڪيس کٽي چڪلي آهي هاڻي شوڪت خانم انگلينڊ ۾ جنگ گروپ تي ڪيس ڪرڻ وڃي رهيو آهي هن چيو ته هي دنيا ۾ ڪٿي به ناهي ٿيندو آزادي صحافت جي معاملي تي مافياز ويهي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن هتي اهڙا صحافي ويٺا آهن جيڪي پئسا وٺي گند اڇلي رهيا آهن ۽ بليڪ ميل ڪري رهيا آهن.  جهڙي قسم جون غيرزميواراڻين شيون هتي اچن ٿيون ڪنهن جي همت نٿي ٿي سگهي اهي ئي وڃي اوهان ڪنهن ٻي جمهوريت ۾ ڪيو وزيراعظم چيو ته مان اليڪشن کٽڻ تي آزاد ڪشمير جي وزرياعظم کي نامزد ڪيو ته ٽن مرڪزي اخبارن جي پهرين صفحي تي اچي ٿو ته جادو ٽوڻي سان ستارا ڏسي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي چونديو ويو اها ئي شئي ڪٿي به انگلينڊ يا اولهه جي اخبارن ۾ ڪئي وڃي ها ته انهن تي ايڏو وڏو هرجاڻو ٿئي ها جو انهن جون اخبارون بند ٿي وڃن ها وزيراعظم خطاب دوران 2018 ۾ حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ پيش ايندڙ معاشي صورتحال گردشي قرضن جو به تفصيلي ذڪر ڪيو ۽ ڪرونا دوران حڪومت پاران عوام جي بهتري لاءِ کنيل قدمن جو به احاطو ڪيو هن ڪرونا جي ڪري سڄي دنيا ۾ وڌندڙ مهانگائي جو ذڪر ڪندي چيو ته 40 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي دنيا جي سگهاري ترين معيشت آمريڪا ۾ ٿي اتي 1.5 سيڪڙو کان وڌيڪ شيون مهانگيون نٿيون ٿيون پر اتي مهانگاهئي 7.5 سيڪڙو تائين پهچي وئي هن چيو ته ڪينيڊا ۾ 30 سالن کان پوءِ سڀ کان گهڻي مهانگائي آهي برطانيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ٿي جڏهن ته ترڪي ۾ به 20 سالن کان پوءِ سڀ کان گهڻي مهانگائي ٿي ان موقعي تي ان مهانگائي جي حوالي سان اڳوڻي حڪومتن جي دور جا انگ اکر بيان ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي جي پهرين دور ۾ 13.9 سيڪڙو مهانگائي ٿي آهي ٻن سالن تائين هلندڙ حڪومت جي ٻئي دور ۾ 8.34 سيڪڙو مهانگائي ٿي ٽئين دور ۾ 11.6 سيڪڙو ۽ چوٿين دور ۾ 13.6 سيڪڙو مهانگائي ٿي عمران خان چيو ته مسلم ليگ جي پهرين دور ۾ 10.08 سيڪڙو مهانگائي ٿي ٻئي دور ۾ 7.2 سيڪڙو ۽ ٽئين دور ۾ 5 سيڪڙو مهانگائي ٿي جيتوڻيڪ ان جي ٽئين دور ۾ تيل جون قيمتون سڀ کان گهٽ هيون پر جڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور ۾ 8.3 سيڪڙو مهانگائي ٿي وزيراعطم خطاب ڪندي چيو ته اسان سمجهي رهيا هئاسين ته عالمي سطح تي تيل ۽ ٻين شين جون قيمتون هڪ ئي وقت مٿي چڙهي ويون آهن اهي هاڻي هيٺ اچڻ شروع ٿي وينديون پر يوڪرين ۾ جيڪو ٿي رهيو آهي ۽ جنگ ٿي رهي آهي ته هاڻي مون کي ڊپ آهي ۽ اسان مشورو به ڪيو ته هاڻي قيمتون هيٺ نه اينديون هن چيو ته هي جنگ ٿيندي آهي ته تيل جي قيمت به مٿي ٿيندي پوءِ دنيا جي 30 سيڪڙو گئس اتان اچي ٿي ته گئس جي قيمت به وڌي ويندي هن چيو ته اسان روس کي چيو آهي ته 20 لک ٽن ڪڻڪ گهرجي پر هاڻي ڪڻڪ جي قيمت به مٿي ويندي وزيراعطم چيو ته اسان هڪ فيصلو ڪيو ته ملڪ ۾ هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو پيٽرول ۽ ڊيزل جو آهي ان جون قيمتون ۽ اڃا مٿي ويون ته ماڻهن تي وڌيڪ بار پوندو هن چيو ته پاڪستان ۾ اڄ به پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون، جڏهن اپوزيشن وارا چون ٿا ته پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿي ويو ته مون کي ٻڌايو ته انهن وٽ انهن جو ڇا حل آهي هن چيو ته اسان کي ٻاهران گهرائڻو پوي ٿو هاڻي تيل جون قيمتون وڌي وينديون ته اسان ان تي ڇا ڪريون جيڪڏهن انهن وٽ ڪو حل آهي ته اسان کي ٻڌائين ڇو ته هن وقت به پاڪستان دنيا جي 190 ملڪن مان 25هين نمبر تي آهي جتي پيٽرول ۽ ڊيزل سڀ کان گهٽ وڪرو ٿئي ٿو ٻين ملڪن سان پيٽرول جي قيمتن جي ڀيٽ ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت پيٽرول 160رپيا في ليٽر اهي ڀارت ۾ 260 رپيا ليٽر، بنگلاديش ۾ 185 رپيا ليٽر ترڪي ۾ 200 رپيا ليٽر آهي هن چيو ته جيڪڏهن اسان هر مهيني 70 ارب رپين جي سبسڊي ڏيون ٿا جيڪڏهن حڪومت هي سبسڊي نه ڏي ته اڄ پيٽرول جي قيمت في ليٽر 220 رپيا ٿيندي هن چيو ته مون وٽ اوگرا جي سمري آئي هن چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل في ليٽر 10 رپيا وڌائڻوپوندو ڇو ته دنيا م تيلمهانگو ٿي چڪو آهي وزيراعظم چيو ته مان اڄ اوهان جي سامهون وڏي سٺي خبر ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته 10 رپيا وڌائڻ بدران اسان فيصلو ڪيو آهي ته پيٽرول ۽ ڊيزل کي 10 رپيا گهٽ ڪري رهيا آهيون هن چيو ته بجلي به درآمدي ٻارڻ سان ٺهي ٿي جيئن ئي ٻار گئس ڪوئلو ۽ تيل مهانگو ٿئي ٿو يا اسان جو فيول ايڊجسٽمينت چارج ٿئي ٿو ته قيمت مٿي هلي وڃي ٿي پر اسان فيصلو ڪيو ته پنهنجن ماڻهن کي ان کان بچائي وٺنداسين هن چيو ته جيڪڏهن اسان ڊيم ٺاهيون ها ته پاڪستان کي سستي بجلي ملي ها ڇو ته پاڻي مان بجلي ٺهڻ سان اسان کي ڪوئي فرق نٿو پوي ڇو ته ٻاهر مهانگائي هجي يا نه هجي پر 50 سالن ۾ پاڪستان ۾ هڪ به ڊيم ناهي ٺهيو هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ 10 ڊيم ٺاهي رهيا آهيون ۽ ايندڙ پنجن کان 10 سالن ۾ هي سب ڊيم ٺهندا ۽ ان سان جيڪڏهن ٻاهر قيمتون وڌي به ويون ته اسان ان کان بچي وينداسين وزيراعظم ٻڌائي ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته بجلي پنج رپيا في يونٽ گهٽائي رهيا آهيون ان جو مطلب اهو آهي ته اوهان جي بجلي جا بل 20 سيڪڙو کان 50 سيڪڙو گهٽ ٿيندا هن چيو ته اسان ان لاءِ وڏي محنت سان ٻي هنڌان سبسڊي ڪڍي آهي ڇو ته ماڻهن کي سڀ کان وڏو مسئلو بجلي ۽ پيٽرول سان ٿئي ٿو ۽ ان جي ڪري شيون مهانگيون ٿي وڃن ٿيون هن چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ انهن شين ۾ ڪابه واڌ نه ڪنداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *