وزير اعظم جا صلاحڪار ماضي جيان کيس نه ڇڏيندا، پ پ بيڪ ڊور ڊپلوميسي جو حصو نه ٿيندي: مولابخش چانڊيو

ڪراچي (اين اين آءِ) مولابخش چانڊيو خميس جي صبح لنڊن مان ڪراچي پهچي ويو آهي مولابخش چانڊيو جي لنڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي پارليمينٽرين جي صدر آصف زرداري سان ملاقات ٿي آهي وطن واپسي کان پوءِ جاري هڪ پڌرنامي ۾ موالابخش چانڊيو چيو ته آصف زرداري سان ملاقات ۾ پارٽي جا تنظيمي معاملا انفارميشن کاتي جي ڪارڪردگي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي آهي هن چيو ته ڪرپشن جي معاملي تي بيڪ ڊور ڊپلوميسي ڇو ٿيندي پ پ پ ڪرپشن تي ڪنهن بيڪ ڊور ڊپلوميسي جو حصو نه بڻجندي هن چيو ته وزيراعظم جا صلاحڪار ماضي وانگر کيس نه ڇڏيندا وفاقي حڪومت پنهنجي غلطين جي ڪري پريشان آهي. اسان جا ٻه وزيراعظم وزارت وڃي سگهن ٿا ته ميان صاحب ڇو نٿو وڃي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *