وزير اعظم اسيمبلي اچي، اسان انتظار ڪنداسين: شاهه محمود قريشي

لاهور (م.ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قرشي چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف اسيمبلي اچي، اسان انتظار ڪنداسين، ڪنهن قسم جي ڪابه نعري بازي نه ڪئي ويندي، خابرو ادارن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف پاران اعلان ڪيو ويو آهي ته وزير اعظم جي قومي اسيمبلي اچڻ تي ڪنهن به قسم جو ڪو شور نه ڪيو ويندو، ان موقعي تي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته وزير اعظم جي تقرير جي حوالي سان حڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ اپوزيشن جو اجلاس طلب ڪيو آهي، اپوزيشن سڀاڻي قومي اسيمبلي جي اجلاس کان پهرين 3 بجي اپوزيشن چيمبر ۾ گڏ ٿيندي ۽ عمل طئي ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *