
اسلام آباد (اين اين آءِ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي مالي سال ٻه هزار ارڙنهن اوڻيهه جا گوشوار جاري ڪري ڇڏيا، وزيراعظم عمران خان 10 ڪروڙ 82 لک 36 هزار رپين کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي، وزيراعظم عمران خان بني گالا گهر جي ماليت ظاهر نه ڪئي، وزيراعظم عمران خان بني گالا کي تحفي طور ظاهر ڪيو، وزيراعظم پنهنجي زال بشريٰ بيبي جي اثاثن جو تفصيل ڏئي ڇڏيو، بشريٰ بيبي جي نالي بني گالا ۾ 3 ڪنال جو گهر، پاڪ پتن 431 ڪنال زمين، اڪاڙا ۾ 266 ڪنال زمين ڏيکاري، وزيراعظم جا ڊالر، پائونڊ اسٽرلنگ ۽ يورو اڪائونٽس آهن، وزيراعظم عمران خان کي 2 لکن جون 4 ٻڪريون آهن، وزيراعظم عمران خان 6.2 مربع زرعي ۽ ڪمرشل زمين جو مالڪ آهي، اڳوڻو صدر آصف زرداري 66 ڪروڙ رپيا ماليت جي اثاثن جو مالڪ آهي، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو دبئي جا اڪائونٽ رکندڙ نڪتا، آصف زرداري جي ملڪ کان ٻاهر ملڪيت نه آهي، آصف زرداري وٽ هڪ ڪروڙ رپين جا گهوڙا ۽ جانور آهن، آصف زرداري وٽ هڪ ڪروڙ 66 لکن جا هٿيار آهن، بلاول ڀٽو سڀ کان امير قومي اسيمبلي ميمبرن ۾ شامل آهي، بلاول ڀٽو هڪ ارب 54 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جي اثاثن جو مالڪ آهي، بلاول ڀٽو جا دبئي ٻن ويلاز ۾ شيئرز آهن، مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي اثاثن جي ماليت 18 ڪروڙ 96 لک کان وڌيڪ آهي، شهباز شريف جي زال نصرت شهباز جي نالي 23 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جا اثاثا آهن، شهباز شريف جي زال تهمينا دراني جا 57 لک 65 هزار رپين جا اثاثا آهن، شهباز شريف ملڪ کان ٻاهر اثاثن جو تفصيل به ظاهر ڪيو، شهباز شريف جا ملڪ کان ٻاهر 14 ڪروڙ رپين جا اثاثا آهن، شهباز شريف لنڊن ۾ هڪ فليٽ جو مالڪ آهي، شاهد خاقان عباسي 60 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي، شيخ رشيد وٽ 3 ڪروڙ 58 لک رپين جا اثاثا، 8 ڪروڙ 63 لکن جو بينڪ بيلنس، 25لک جا پرائيز بانڊ آهن، رانا ثناءُ الله جا 6 ڪروڙ 60 لک جا اثاثا آهن، خورشيد شاهه 6 ڪروڙ ماليت جو مالڪ آهي، مراد سعيد قومي اسيمبلي جي غريب ميمبرن ۾ شامل آهي، مراد سعيد وٽ 36 لک روڪ ۽ 15 تولا سون آهي، شهريار آفريدي 2 ڪروڙ جو مالڪ آهي، پرويز خٽڪ وٽ 13 ڪروڙ 95 لکن جا اثاثا ۽ اڍائي لک رپين جو بينڪ بيلنس آهي، پي ٽي آءِ جو ايم اين اي سميع الحسن گيلاني هڪ ارب رپين کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي، وفاقي وزير علي زيدي 3 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ اثاثن جو مالڪ آهي.