وزيراعظم ۽ پرويز رشيد پاران ڪراچي ۾ صحافين جي زخمي ٿيڻ تي ڳڻتي ظاهر، بهتر علاج جون هدايتون

اسلام آباد  (بيورو( وزيراعظم محمد نواز شريف ڪراچي ۾ هڪ مظاهري دوران هڪ غيرملڪي خابرو اداري جي صحافي جي زخمي ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن هتي وزيراعظم آفيس جي بيان موجب وزيراعظم زخمي صحافي جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ عملدارن کي هدايت ڪئي ته زخمي صحافي کي بهترين طبي علاج فراهم ڪيو وڃي،. ٻئي طرف اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد ڪراچي ۾ هڪ احتجاجي مظاهري ۾ هڪ ڪئميرامين ۽ فوٽوگرافر جي زخمي ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن زخمي فوٽو جرنلسٽ جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *