وزيراعظم ۽ آرمي چيف پاران زلزلي متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون شروع ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف سول توڙي ملٽري ادارن کي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، آرمي چيف جنرل راحيل شريف طرفان فوجي جوانن کي زلزلي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ملڪ ۾ آيل شديد زلزلي کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف سمورن ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم چيو آهي ته سمورا ادارا زلزلي متاثر علائقن ۾ ڪاررواين شروع ڪن. آرمي چيف جنرل راحيل شريف زلزلي متاثر علائقن ۾ ڪارروايون شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته جوان حڪم ملڻ جو انتظار ڪرڻ بنا ئي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون شروع ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *