وزيراعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ ملاقات، قومي ايڪشن پلان سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف سان آرمي چيف جنرل راحيل شريف ملاقات ڪري قومي ايڪشن پلان سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون آهن. وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف، وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران دهشتگردي خلاف قومي ايڪشن پلان ۽ آپريشن ضرب عضب سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب، ملاقات دوران آءِ ڊي پيز جي واپسي ۽ سڪيورٽي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *