وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي سعودي عرب-ايران واري دوري جي حمايت ڪيون ٿا: مولانا فضل الرحمان

اسلام آباد (بيورو) جي يو آئي جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم نوازشريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي سعودي عرب ۽ ايران واري دوري جي حمايت ڪندي چيو ته اهو قدم پاڪستاني عوام جي ٺيڪ ترجماني آهي.سندس چوڻ هو ته اسان ان دوري جي حمايت ڪيون ٿا،مسلمان ملڪن ۾ پاڪستان جو جيڪو مقام آهي،ان جي اها گهرج آهيته گڏيل ۽ سٺو ماحول جوڙيو وڃي.هن چيو ته اتحاد امت لاءِ اهو دورو گهڻو اهم آهي،وزيراعظم نوازشريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جيڪو قدم کنيو آهي اهو پاڪستاني عوام جي ٺيڪ ترجماني آهي.سندس اهو به چوڻ هو ته ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جو ٽياکڙي وارو ڪردار تمام اهم آهي.مولانا فصل الرحمان چيو ته پاڪستان پنهنجو اهم فرض پورو ڪري رهيو آهي،جنهن جي اميد پوري اسلامي دنيا ڪري ٿي.سندس چوڻ هو ته جمعيت علماءِ اسلام پاڪستان ان سلسلي ۾ وزيراعظم نوازشريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي ايران ۽ سعودي عرب جي قيادت سان سڌو سنئون ڳالهيون ڪرڻ وارو فيصلو تمام بهترين آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *