وزيراعظم ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بابت اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف ايم ڪيو ايم اڳواڻن ۽ قتل ٿيل ڪارڪنن جي وارثن سان تعزيت لاءِ اڄ ڪراچي جو دورو ڪندو، وزيراعظم ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بابت اهم اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. وزيراعطم نواز شريف ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بابت اهم اجلاس سڀاڻي گورنر هائوس ۾ طلب ڪري ورتو آهي.وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وزير اعظم نواز شريف سڀاڻي ايم ڪيو ايم ڪارڪنن سهيل احمد جي گهر وارن سان تعزيت ڪندو.وزيراعظم چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪارڪن سهيل احمد جي قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته ايم ڪيو ايم جا سمورا خدشا دور ڪيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *