وزيراعظم ڪراچيءَ جون رونقون بحال ٿيڻ تائين آپريشن جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم نواز شريف، ڪراچيءَ جون رونقون بحال ٿيڻ تائين ڏوهارين خلاف آپريشن جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته آپريشن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، آپريشن سان گڏ ترقياتي عمل به شروع ٿي چــُڪو آهي. ڪراچي ۾ گرين لائين بس منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته جن علائقن مان بس گذرندي اتان جي ماڻهن لاءِ وڏي آساني ٿيندي. هن چيو ته هـِي منصوبو 11 نه پر 22 ڪلوميٽر ڊگهو هوندو ۽ هڪ سال ۾ پورو ٿيندڙ هـــِي پراجيڪٽ لاهور ميٽرو کان به سٺو هوندو. وزيراعظم چيو ته ڪراچي کي لاهور سان موٽر وي ذريعي ملائڻ لاءِ ڪم به شروع ٿي چڪو آهي جڏهن ته حيدرآباد کان سکر تائين موٽر وي تي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ معاملا هڪ مهيني ۾ طئي ڪيا ويندا. سندس چوڻ هو ته لياري ايڪسپريس وي تي به مارچ ۾ ڪم شروع ڪيو ويندو جنهن لاءِ 2 ارب رپيا جاري ڪيا پيا وڃن. نواز شريف چيو ته ٿر ۾ ڪوئلي جي کاڻ مان ڪوئلو ڪڍڻ جو ڪم به شروع ٿي رهيو آهي ۽ ان سان بجلي پيدا ڪئي ويندي جنهن بعد ڪوئلو درآمد ڪرڻ جي ضرورت نه ٿيندي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ هاڻي ڏوهي وارداتون گهٽجي چـُڪيون آهن پر کين وڌيڪ مضبوط ٿيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ڏوهه پاڙان ختم ٿي وڃن. وزيراعظم اعلان ڪيو ته ڪراچي جون رونقون بحال ٿيڻ تائين آپريشن جاري رهندو ۽ ان کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. ان کان اڳ وزيراعظم نواز شريف ڪراچي پهتو ته سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه فيصل ايئربيس تي سندس آجيان ڪئي. بعد ۾ فيصل ايئربيس تي ئي وزيراعظم امن امان بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ گورنر، وڏي وزير، وفاقي وزير پرويز رشيد، گهرو وزير سهيل انور سيال، آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر، چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ڊي جـِي رينجرز ۽ آءِ جي پوليس وزيراعظم کي ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته گرفتار دهشتگردن جي انڪشافن تي جاچ جلد مڪمل ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته امن قائم رکڻ لاءِ سنڌ سرڪار سان سهڪار جاري رکيو ويندو ۽ دهشتگردن سان گڏ سندن سهولتڪارن کي به نه ڇڏيو ويندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *