وزيراعظم ڪجهه به ڪري وٺي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ چونڊون کٽي ڏيکارينداسين: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) آزاد ڪشمير جا 60 کان وڌيڪ سياسي اڳواڻ تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويا، عمران خان چيو آهي ته نواز شريف گلگت بلتستان ۾ پنهنجو امپائر بيهاري ڇڏيو آهي ۽ آزاد ڪشمير ۾ چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر وزيراعظم ڪجهه به ڪري وٺي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ هــُو چونڊون کٽي ڏيکاريندا. آزاد ڪشمير جي 60 کان وڌيڪ پيپلز پارٽي، قاف ليگ ۽ نواز ليگ جي اڳواڻن، عمران خان جي موجودگي ۾ تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان  ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ آزاد ڪشمير جي سياسي اڳواڻن جي پي ٽي آءِ شموليت دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته هــُو پ پ اڳواڻن کي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار چوي ٿو. هن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب صوبا پوليس اسٽيٽ بڻيل آهن، جڏهن ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي مڪاني نظام کي ختم ڪري سمورا اختيار پاڻ وٽ رکي ڇڏيا آهن. عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف خيبر پختون خواهه ۾ مڪاني چونڊون ڪرائي ڳوٺن جي سطح تي عوام کي انهن جا اختيار منتقل ڪندي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ صاف، شفاف، منصفاڻين ۽ اڻ ڌرين تي يقين نه ٿي رکي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف اهو شخص آهي جيڪو ڪرڪيٽ به ان وقت تائين نه ٿو کيڏي جيسيتائين پنهنجو امپائر نه ٿو بيهاري. عمران خان چيو ته نواز شريف گلگت بلتستان ۾ پنهنجو امپائر بيهاري ڇڏيو آهي جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ به مئچ فڪسنگ شروع ٿي وئي آهي، گلگت جو نگران وڏو وزير بينڪ جو ملازم آهي. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته نواز شريف جيڪو چاهي ڀلي ڪري وٺي پر آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ ڪاميابي تحريڪ انصاف جي هوندي. عمران خان وڌيڪ چيو ته نجم سيٺي کي پي سي بي ۾ غير قانوني طور عهدو ڏنو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *