وزيراعظم کي گهرايوسين ته واپس نه ويندو، اڊِيالا جيل ۾ گهڻي گنجائش آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(بيورو)  سپريم ڪورٽ چيو آهي ته جيڪڏهن وزيراعظم کي گهرايوسين ته واپس نه ويندو، اڊِيالا جيل ۾ گهڻي گنجائش آهي،سپريم ڪورٽ اهڙا ريمارڪس ڪسٽم آفيسر جي درخواست تي عدالتي توهين جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران اسٽبلشمينٽ سيڪريٽري جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ ڏيکاريندي ڏنا.21 هين گريڊ جي ڪسٽم آفيسرعمر فاروقي عدالتي حڪم کانپوءِ به کيس سهولتون ۽ رعايتون نه ڏيڻ تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو، سندس درخواست جي ٻڌڻي جسٽس شيخ عظمت سعيد جي اڳواڻي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ ڪئي، پٽيشنر جي وڪيل جو موقف هو ته اسٽبلشمينٽ ڊويزن سمري وزيراعظم کي اماڻي هئي، ٻڌڻي دوران اسٽبلشمينٽ ڊويزن جي سيڪريٽري جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ ڏيکاري، جسٽس شيخ عظمت سعيد ريمارڪس ڏيندي چيو ته 8 مهينن کان عدالت سان کيڏيو پيو وڃي، اهڙي ڳالهه آهي ته وزيراعظم کي گهرائي ٿا وٺون، وزيراعظم آيو ته واپس پنهنجي آفيس نه ويندو، اڊيالا جيل ۾ گهڻي گنجائش آهي. ان موقعي تي اٽارني جنرل چيو ته عدالتي حڪمن تي عمل ڪنداسين ۽ عدالتي حڪم مطابق نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو، اٽارني جنرل جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ ڪسٽم آفيسر عمر فاروقي جي ترقي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 48 ڪلاڪن تائين روڪي ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *