وزيراعظم کي خواجا آصف جي زبان روڪڻ گهرجي ها، زبان اسان جي به کلي سگهي ٿي:شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف کي خواجا آصف جي زبان روڪڻ گهـُرجي هئا پر افسوس ايئن نه ٿيو، پي ٽي آءِ وڏي بردباري جو مظاهرو ڪيو نه ته زبان هـُو به رکن ٿا. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته مسلم ليگ ن جا ميمبر سمجهن ٿا ته تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ۾ اچڻ سان جمهوريت مضبوط ٿيندي جڏهن ته اسحاق ڊار به ڳالهين ذريعي معاملا حل ڪرڻ چاهي پيو پر گذريل ڏينهن بچاءَ واري وزير خواجا آصف قومي ڌيان سياسي پوائنٽ اسڪورنگ تي ڇڪايو جيڪو سٺو عمل نه هو. هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف کي خواجا آصف جي زبان روڪڻ گهرجي ها ۽ کيس تڪرار گهٽائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها پر افسوس ايئن نه ٿيو. شاهه محمود قريشي چيو ته ڌانڌلي جي حوالي سان خواجا آصف جو تڪ به بحث هيٺ رهيو آهي ان ڪري کيس وڌيڪ پريشاني هئي. هن چيو ته بچاءَ واري وزير جو بيان کوکلو هو ان ڪري سڄي هائوس ان کي ڪا اهميت نه ڏني،هـُو خواجا آصف جا جوتا نه ٿا لهرائڻ چاهين رڳو ان جو رويو درست ڪرائڻ چاهين ٿا. شاهه محمود قريشي چيو ته پارليامينٽ ۽ عام جلسي ۾ لهجو الڳ هوندو آهي، کين به حڪومت جي ڪيترين ئي شين ۾ اجنبيت نظر اچي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *