وزيراعظم کان مطالبو ڪيو آهي ته درياءَ جي ٻنهي طرفن کان بندن کي مضبوط ڪيو وڃي: نثار احمد کهڙو

گهوٽڪي (ڊ ر) آبپاشي ۽ اطلاعات جي سينيئر صوبائي وزير چيو آهي ته وزيراعظم ميان محمد نواز شريف کان مطالبو ڪيو آهي ته درياءَ جي ٻنهي طرفن کان بندن جي مضبوطي لاءِ اسٽون پچنگ ڪرائي وڃي جڏهن ته وزيراعظم پاران اتفاق ڪيو ويو آهي ته سيلاب کي روڪڻ لاءِ مستقل بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هُن قادرپور شينڪ بند جي دوري بعد گهوٽڪي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي هُن چيو ته وزيراعظم وڏا ڊيم ٺاهڻ جي ڪا بهڳالهه ناهي ڪئي . هڪ سوال جي جواب ۾ هُن چيو ته الطاف حسين جو يو.اين فورسز وارو مطالبو پاڪستان ۽ سنڌ جي وحدت تي وار آهي، پاڪستان جي سلامتي تي ڪنهن کي به سوديبازي نه ڪرڻ ڏينداسون. هُن چيو ته ڪا سياسي پارٽي لنڊن ۾ فيصلا ڪري يا سنڌ ۾ ان تي ڪنهن کي به اعتراض نه ڪرڻ گهرجي جڏهن پارٽي جو فيصلو هوندو ته سنڌ ۾ تبديلي اچي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *