وزيراعظم ڦاهيون ڏيڻ واري معاملي تي سعودي بادشاهه بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪري: الطاف حسين

ڪراچي(م،ڊ) ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين چيو آهي ته وزيراعظم ڦاهيون ڏيڻ واري معاملي تي سعودي بادشاهه بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪري، غلط فيصلا ڪيا ويا ته رائيونڊ محل کي ڦاهي گهاٽ بڻايو ويندو. ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو تي ٽيليفون ذريعي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي الطاف حسين چيو ته نواز شريف ڦاهين واري معاملي تي سعودي بادشاهه بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. متحده سربراهه چيو ته وزيراعظم نواز شريف کي ياد رکڻ گهرجي ته ڪنهن دور ۾ کيس به موت جي سزا ٿي هئي. الطاف حسين چيو ته موت جي سزا جو عملدار آمد پهرين طالبان دهشتگردن کان ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم سربراهه ڌمڪي ڏني ته غلط فيصلا ڪيا ويا ته هو ڏيڍ سئو ڏينهن ڌرڻا هڻڻ وارا نه آهن، 100 ڪلاڪن اندر ڪم ڪري ويندا. پشاور سانحي بابت ڳالهائيندي الطاف حسين چيو ته پشاور ۾ معصوم ٻارڙن کي بيگناهه شهيد ڪيو ويو، جنهن تي سڄي ملڪ جو عوام سوڳ ۾ ورتل آهي. ايم ڪيو ايم سربراهه چيو ته ملڪ جي سياسي قيادت عوام ۾ شعور پيدا ڪري، ٻي صورت ۾ دهشتگردن کي هارائڻ ممڪن ناهي. الطاف حسين چيو ته طالبانائيزيشن بابت خدشا ظاهر ڪرڻ تي مٿس چٿرون ڪيون ويون، هاڻي حالتون سڀني جي سامهون آهن. متحده سربراهه چيو ته جن کي پارٽي ڇڏي ڀڄڻو آهي، اهي مهل سان ڀڄي وڃڻ، هو سازشن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي. رابطا ڪميٽي بابت ڳالهائيندي الطاف حسين چيو ته نئين رابطا ڪميٽي روزانو ميٽنگ ڪري رهي آهي، پراڻي ڪميٽي وارا پنهنجي اوقات ڏسن…

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *