وزيراعظم پٺاڻ ڪوٽ واقعي جي حوالي سان ڀارتي ثبوتن تي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان سعودي عرب ايران ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪردار نڀائڻ ۽ مسلمان ملڪن سان ربطن جو فيصلو ڪيو آهي،وزيراعظم نوازشريف پٺاڻ ڪوٽ واقعي جي حوالي سان ڀارت پاران ڏنل ثبوتن تي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.وزيراعظم نوازشريف جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ۾ علائقائي قومي سلامتي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.اجلاس ۾ وفاقي ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ،گهرو وزير چوڌري نثار، قومي سلامتي وارو وزير ناصر جنجوعا،خاص معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز،خاص صلاحڪار طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري اعزا چوڌري ۽ ڊي جي آئي بي آفتاب سلطان شامل ٿيا.اجلاس ۾ سعودي عرب اتحاد ۾ شامل ٿيڻ واري معاملي تي صلاح مشورا ڪيا ويا ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ لاءِ هاڪاري ڪردار نڀائيندو. ۽ معاملا حل ڪرائڻ لاءِ مسلمان ملڪن سان به رابطا ڪيا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *