وزيراعظم پنهنجي ڳالهه ثابت نه ڪئي، مواد جو جائزو وٺي نااهلي بابت فيصلو پاڻ ڪنداسين: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس بابت عملدرآمد ڪيس ۾ چيو آهي ته وزيراعظم نواز شريف سميت سمورن ماڻهن کي صفائي جو موقعو ڏنو ويو پر حقيقتون لڪايون ويون، سوالن جا جواب نه ڏنا ويا آهن. پاناما لڪيس ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس اعجاز افضل جي سربراهيءَ ۾ جسٽس شيخ عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجاز الحسن تي ٻڌل خاص بئنچ ڪئي. وزيراعظم نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث پنهنجي دليلن دوران سپريم ڪورٽ جو 20 اپريل وارو حڪم نامو پڙهي ٻڌايو ۽ چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ جاچ جو رخ طئي ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي سوالن ۾ نواز شريف بابت تحفن جو ذڪر هو جڏهن ته سپريم ڪورٽ نواز شريف خلاف ڪنهن ڪيس کي ٻيهر کولڻ جو حڪم نه ڏنو هو. وزيراعظم نواز شريف جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ لنڊن فليٽس، قطري شهزادي جي خط، بيئررز سرٽيفڪيٽ بابت سوال پڇا ۽ سپريم ڪورٽ جيڪي سوال ڪيا انهن جا ئي جواب گهريا ويا ها، جي آءِ ٽي 13 سوالن سان گڏ وڌيڪ 2 سوال اٿاري ڇڏيا جنهن تي جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته 2 سوال ڪهڙا آهن، ڇا توهان چوڻ چاهيو ٿا ته ملڪيت جي نشاني جي آءِ ٽي جو مئنڊيٽ نه هو. خواجه حارث جواب ڏيندي چيو ته جيڪي ڪيس عدالتن ۾ ختم ٿي چڪا آهن جي آءِ ٽي تنهن جي به پڙتال ڪئي، جڏهن ته عدالت ڪيس کولڻ جو حڪم نه ڏنو هو. جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏيندي چيو ته کين ته مني ٽريل ۽ آمدني جي ذريعن جو پهرين ڏينهن کان انتظار آهي. جسٽس عظمت سعيد چيو ته توهان پنهنجي جواب ۾ ڪنهن به دستاويز جي ترديد نه ڪئي آهي، توهان لاءِ در بند نه پيا ڪيا وڃن. خواجه حارث چيو ته اثاثا آمدني کان وڌيڪ هجن ته پوءِ به صفائي جو موقعو ملندو آهي، عدالت پاڻ به پنهنجي حڪم کان ٻاهر نه ٿي وڃي سگهي. خواجه حارث چيو ته ڪنهن به ڪيس جو 13 سوالن جي جوابن سان ڪو به تعلق ناهي، عدالت هر ڪيس جو رڪارڊ گهرائي الڳ جائزو وٺي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته جي آءِ ٽي جيڪڏهن جاچ ڪري سفارش ڪئي ته ڇا خراب ڪيو، جي آءِ جي سفارشن کان وڌيڪ عدالتي حڪم اهم هوندو. جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ڏيندي چيو ته وزيراعظم سميت سڀني کي صفائي جو موقعو ڏنو ويو، حقيقتون لڪايون ويون ۽ جواب نه ڏنا ويا. هن چيو ته ڪو چوي ٿو ته ياد ناهي، ڪو چوي ٿو اڪائونٽنٽ کي خبر هوندي. سندس چوڻ هو ته  اهو چوڻ غلط آهي ته صفائي جو موقعو نه ڏنو ويو، حڪومت پنهنجي صفائي ۾ جيڪو چوڻ چاهي چئي پئي سگهي پر نه چيو ويو. جسٽس اعجاز افضل چيو ته  جي آءِ ٽي رڳو سفارشون پيش ڪيون، آرڊر عدالت کي جاري ڪرڻو آهي.  جسٽس اعجاز الحسن چيو ته وزيراعظم ۽ سندس پٽن جي اها اپرووچ هئي ته ڪجهه نه ٻڌايو وڃي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته سمورن سوالن جو جواب انڪوائري کانسواءِ ممڪن ناهي. خواجه حارث چيو ته عدالت اهڙي رپورٽ تي آرڊر جاري نه ٿي ڪري سگهي، وزيراعظم سميت دستاويزن تي موقف نه ورتو ويو. جسٽس شيخ عظمت سعيد سوال ڪيو ته ڇا وزيراعظم حسن جو والد ۽ ايف زيڊي اي ڪمپني جو مالڪ ناهي. خواجه حارث چيو ته ايف زيڊ اي ڪمپني حسن نواز جي ملڪيت آهي، وزيراعظم نه ڪمپني جو مالڪ آهي ۽ نه ڪڏهن پگهار ورتي آهي. جسٽس عظمت سعيد سوال ڪيو ته ڇا توهان چئو ٿا ته وزيراعظم تي اهو الزام غلط آهي. خواجه حارث چيو ته جي ها اهو الزام غلط آهي، وزيراعظم نه ته ڪنهن آف شور ڪمپني جو مالڪ آهي ۽ نه ڪا پگهار ورتي. جسٽس عظمت سعيد چيو ته هل ميٽل ڪمپني جي رقم پاڪستان ڪيئن آئي اها ڳالهه پاڻ ئي توهان عدالت ۾ ٻڌائي. جسٽش اعجاز چيو ته وزيراعظم هل ميٽل آمدني سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ترديد ڪئي. خواجه حارث چيو ته جي آءِ ٽي ڪنهن به ڌر کان دستاويزن تي وضاحت نه گهري. جسٽس عظمت سعيد چيو ته توهان جڏهن چاهيو متفرق درخواست کي چئلينج ڪري سگهو ٿا، توهان پنهنجو جواب اسان وٽ ڏئي ڇڏيو. جسٽس عظمت سعيد چيو ته جيڪي ڳالهيون جي آءِ ٽي کي پڇڻيون هيون اسان پڇي ڇڏيون، معاملو ختم ٿي ويو. جسٽس اعجاز افضل رمارڪس ڏيندي چيو ته وزيراعظم تقرير ۾ چيو هو ته ذريعن ۽ وسيلن جو رڪارڊ موجود آهي، سندس ڪم هو ته لنڊن فليٽس جي خريداري جا ذريعا ٻڌائي ها. هن چيو ته لنڊن فليٽس جي خريداري وقت ٻارڙن جي آمدني نه هئي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته وزيراعظم چيو هو ته هو ثابت ڪندا پر عدالت ۾ ڪجهه نه ڏنو ويو آهي. هن چيو ته وزيراعظم پاڻ دستاويز ڏيڻ واري بيان کان آجو نه ٿو ٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته هو پاڻ سموري مواد جو جائزو وٺندا پوءِ طئي ڪندا ته نااهل بڻجي ٿي يا نه؟ خواجه حارث چيو ته وزيراعظم جا اثاثا آمدني کان وڌيڪ هئا ته جي آءِ ٽي ٻڌائي ها،  ملڪيون ۽ ملون وزيراعظم جي ملڪيت نه آهن. هن چيو ته  عدالت تقرير ۾ تضاد تي ڪو حڪم جاري نه ٿي ڪري سگه، عدالت پنهنجي ئي حڪم تي نظرثاني نه ٿي ڪري سگهي. سندس چوڻ هو ته آڏي پڇا کانسواءِ جي آءِ ٽي جي رپورٽ هڪ طرفي هوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *