وزيراعظم پاناماليڪس تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ بدران جلسن ۾ لڳي ويو، رڳو مخالف ڌر کي گارگند ڪئي پئي وڃي:اعتزاز احسن

لاهور (م.ڊ) سينيٽ ۾ پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل مخالف ڌر جي اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته پاناماليڪس جي معاملي تي وزيراعظم پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ بدران جلسن لاءِ نڪري پيوآهي، لاهور هائيڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته انڪم ٽيڪس ٻڙي هجڻ کانپوءِ به ايڏيون وڏيون ملڪيتون ٺهي وڃڻ سمجهه کان چڙهيل ڳالهه آهي، هن چيو ته وزيراعظم نواز شريف کي گهرجي ها ته هو پاناماليڪس بابت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺي ها پر هو جلسن ۾ لڳي ويو آهي، جن ۾ رڳو مخالف ڌر کي گارگند ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته شريف ڪٽنب 1994ع ۽ 1996ع ۾ هڪ ٽڪو به ٽيڪس ادا نه ڪئي، ان کانپوءِ به ان جون شگرملون هلي رهيون آهن، سندس چوڻ هو ته ڪروڙين رپيا صندوقن ۽ ٻورين ۾ ڀري ٻاهر نيا ويا، جنهن جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ بدران فرانزڪ آڊٽ ڪرائي وڃي، اعتزاز احسن چيو ته اڄ تائين ڪرپشن ۽ ان قسم جي ٻين الزامن جي جاچ ۾ ڪنهن کي به سزا ناهي ملي، جڏهن ته جڊيشل ڪميشن جي ٽي آر اوز لاءِ قانونسازي جي ضرورت آهي، پ پ سينيٽر مطالبو ڪيو ته حڪومت، مخالف ڌر سان گڏجي عدالتي جاچ ڪميشن لاءِ ٽرمز آف ريفرنسز جوڙي.001

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *