وزيراعظم پاران پارليامينٽ ميمبرن جا ترقياتي فنڊ ختم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نواز شريف سياستدانن ۾ بدعنوانين کي ختم ڪرڻ لاءِ مالي سال کان عوامي نمائندن لاءِ ترقياتي فنڊ ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي پوليو جي خاتمي جي باري ۾ رهبر ڪميٽي جي گذريل اجلاس دوران وزيراعظم سمورن وڏن وزيرن تي اهو زور ڏنو ته هو پنهنجن صوبن ۾ بدعنواني تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻن نواز شريف اجلاس کي ٻڌايو ته هن ايندڙ مالي سال کان چونڊ تڪن ۾ ترقياتي ڪمن جي نالي تي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي ملندڙ اربين روپين جا فنڊ روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي هن چيو ته اهڙا اطلاع ملي رهيا آهن ته انهن فنڊن جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي ۽ بدعنواني کي هٿي ڏني پئي وڃي ان لاءِ بدعنواني جو هي دروازو بند ڪرڻ لاءِ هي فيصلو ڪيو ويو آهي هن چيو ته وفاقي حڪومت ملڪ ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي ۽ صوبائي حڪومت جا سمورا ترقياتي فنڊ فوري ۽ معياري ترقي بڻائڻ طرف منتقل ڪرڻ جو ارادو ڪيو اهي هيٺين سطح تي عوامي نمائندن تي مشتمل مقامي حڪومتون انهن فنڊن کي عوام جي بهتري تي شفاف انداز ۾ استعمال ڪرڻ جي بهتر پوزيشن ۾ هونديون، وزيراعظم جو چوڻ هو ته فنڊن جي مقامي حڪومتن کي منتقلي سان بدعنواني تي قابو آڻي ۽ مقامي سطح تي عوامي مسئلن کي بهتر نموني سان حل ڪرڻ م مدد ملندي، نواز شريف وڏن وزيرن کي اهو به چيو ته هو پنهنجن صوبن ۾ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کي ترقياتي فنڊن جو پئسو روڪڻ تي سنجيدگي سان غور ڪن ۽ تيز ۽ شفاف ترقي لاءِ هي فنڊ چونڊيل مقامي حڪومتن کي منتقل ڪيون وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *