وزيراعظم پاران ميان افتخار جي گرفتاري تي ڳڻتي ظاهر، رپورٽ طلب ڪري ورتي

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نوازشريف اي اين پي جي سينئير اڳواڻ  افتخار حسين جي گرفتاري تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي واقعي جي رپورٽ گهري ورتي. وزيراعظم هائوس مان جاري ٿيل بيان مطابق وزيراعظم نوازشريف  پشاور ۾ اي اين پي جي سينئير اڳواڻ افتخار حسين  جي پشاور مان گرفتاري تي چوڻ هو ته سياسي شخصيتن سان قانون جي دائري ۾ احترام سان پيش اچڻ گهرجي. وزيراعظم آئي بي ۽ ٻين ايجنسين کان به فائرنگ واري واقعي ۾ پي ٽي آئي جي ڪارڪنن جي قتل جي رپورٽ گهري آهي. ياد رهي ته گذريل رات دير سان مڪاني چونڊن ۾ نمايان ڪاميابي تي پي ٽي آئي جي جيالن جشن ملهائڻ لاءِاي اين پي اڳواڻ جي آفيس جي ٻهار پهتا، جتي پي ٽي آئي ۽ اي اين پي جي ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ فائرنگ سان پي ٽي آئي جو اڳواڻ مارجي ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *