وزيراعظم پاران سامهون کان اڻڄاڻائي، 29 جي شام يا 31 جي شام آر يا پار ٿي ويندو : شيخ رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد وزيراعطم پاران ظاهر ڪيل خط کان بي خبري ڏيکاريندي چيو ته عمران خان هڪ آزاد پرڏيهي پاليسي جو بنياد رکي رهيو آهي عمران خان اقتدار ۾ هجي يا نه هجي اسان گڏ بيٺا آهيون ڪنهن حڪومت کي وقت پورو ڪندي ناهي ڏٺو بي اعتمادي رٿ جو فيصلو 72 ڪلاڪن ۾ ٿي ويندو منهنجو سياسي وجدان چوي ٿوته هڪ ڪلاڪ اڳ تائين صورتحال تبديل ٿي سگهي ٿي 172 ماڻهو اپوزيشن کي آڻڻا آهن اسان کي نه اسٽيبلشمينٽ صرف پاڪستان سان آهي مان عمران خان کي پهرين ڏينهن کان ڇئي رهيو آهيان ته حج کان پوءِ چونڊون ڪرائي ڇڏو ماڻهو وڪرو ٿي رهيا آهن چاهيان پيو ته پنجاب اسيمبلي ٽوڙي وڃي ملڪ ۾ ايمرجنسي ۽ سنڌ ۾ گورنر راڄ آندو منهنجي ڳالهه نه ٻڌي وئي جلسو مولانا فضل الرحمان جو هوندو ۽ مهمان اداڪار بلاول ڀٽو ۽ مسلم ليگ (ن) وارا هوندا ان جا پنهنجا ماڻهو نه آهن سومر تي هتي پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته اسان کي مليل رپورٽ مطابق مسلم ليگ _(ن) 5 کان 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهو گڏ نه ڪري سگهي آهي هن چيو ته خريد ۽ وڪري جي منڊي لڳل آهي آصف زرداري خريد ۽ وڪري جو ماهر آهي هن حاڪم زرداري جي ڏينهن ۾ ضمانتون ضبط ٿيڻ کان پوءِ ڀٽو خاندان کي هڪ هڪ ڪري سياست کان الڳ ڪيو هن چيو ته هي خريد ۽ وڪري ۾ لڳل آهن منهنجو خيال آهي ته 72 ڪلاڪ 29 کان 31 مارچ تائين بي اعتمادي رٿ جو فيصلو ٿي ويندو اڍائي وڳي واري اجلاس ۾ پتو پئجي ويندو ته ٺهراءُ اسيمبلي ۾ ڪڏهن پيش ڪيو پيو وڃي گهرو زوير چيوت ه جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ اڄ پيش ٿيندي ته ان جو مطلب آهي ته سومر تي ان تي ووٽنگ ٿي ويندي 72 ڪلاڪن ۾ فيصلا ٿي ويندا مان عمران خان سان گڏ آهيان هن چيو ته اسان کي علم نه آهي ته مسلم ليگ (ن) کي ڪٿان اچڻو آهي اسان ان کي سيڪيورٽي ڏيڻ چاهيون ٿا هن چيو ته مسلم ليگ (ن) کي مولوين کي خطاب ڪرڻ اچڻو آهي ڇو ته ان وٽ پنهنجا ماڻهو نه آهن جي ٽي روڊ تي به منهنجي توقع کان تمام گهٽ ماڻهو هئا هن چيو ته مان بلاول جي جلسي ۾ به اها غلطي ڪئي هئي 2 هزار 900 ماڻهن جي سيڪيورٽي فراهم ڪئي جڏهن ته قسم سان چوڻ لا3 تيار آهيان ته جلسي ۾ ايترا ماڻهو نه هئا فضل الرحمان جي مدرسن جون موڪلون آهن ته هي ماڻهو وڃن مولوين کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته پاڪستان ۾ ڪوئي اهڙو چنڊ نشان نه آهي جنهن تي اسان چونڊون نه وڙهيون هجن وزارت هجي نه هجي عمران خان اقتدار ۾ هجي نه هجي اسان ۽ اسان جا حامي عمران خان سان گڏ آهن هن چيو ته تهريڪ انصاف جي جلسي کان پوءِ ماڻهن جون اکيون کلڻ گهرجن هن چيو ته 50 سال جي سياست ۾ ڪنهن به حڪومت کي وقت پورو ڪندي نه ڏٺو جيڪو حلالي آهي اصلي آهي نسلي آهي ۽ جنهن اوهان جي ٽڪيٽ تي ووٽ ورتا آهن ان کي اوهان سان گڏ بيهڻ گهرجي ۽ تڪن جي ماڻهن کي ان جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهرجي گهرو وزير چيوت ه هي ننڍي کنڊ جي حڪومت ۾ اسلامي، جوهري طاقت رکندڙ حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي هن گڏيل اپوزيشن کي گينگ آف ٿري چوندي چيو ته مان ٻڌائڻ نٿو چاهيان ته جڏهن ڀٽو کي ڦاهي لڳي ته قلم ان جي هٿ مان ڪنهن ورتو ۽ ڀٽو کي ڦائي لڳڻ کان پوءِ انهن ماڻهن کي اقتدار نصيب ٿيو هن چيو ته آصف زرداري پنهنجي ڳوٺ نوابشاهه ۾ ڪونسلر نه بڻجي سگهيو ۽ حاڪم علي زرداري جي سيٽ تي ان جي ضمانت ضبط ٿي ۽ اڄ کان ڪجهه سالن کان پوءِ پاڪستان ۾ ان جي يا ايڌي جي سياست ٿيندي ڀٽو خاندان جي سياست ختم ٿي چڪي آهي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جي يو آئي کي جلسي جي اجازت نه آهي سپريم ڪورٽچيو ته ڪنهن کي به ڌرڻي جي اجازت نه آهي جلسي جي اجازت مسلم ليگ (ن) کي آهي هن چيو ته يوڪرين ۽ روس کان پوءِ سڄي دنيا ۾ ڪڻڪ ۽ تيل جو بحران آهي اسان به ان مان گذرنداسين گذريل ڏينهن شاهه محمود قريشي پاران ڪيل خط جي ذڪر بابت شيخ رشيد چيو ته مان رات جو ٻڌو آهي مون کي ان خط بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي ۽ مان ان بابت ڳالهه نه ڪندس. جنهن جو مون کي پتو نه هجي عسڪري قيادت بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان عسڪري قيادت کي پاڪستان جي بقا جي نشاني سمجهان ٿو مان عظيم فوج کي ايترو ذميوار سمجهان ٿو جو ان جي نطر پاڪستان جي سياست تي نه پر پاڪستان تي هوندي آهي اهي به فيصلو ڪندا پاڪستان جي حق ۾ ڪندا هن چيو ته منهنجو سياسي تبصرو آهي ته 30، 31 تائين بي اعتمادي رٿ آر يا پار ٿي ويندي پر صورتحال آخري ڪلاڪن ۾ به تبديل ٿي سگهي ٿي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *