وزيراعظم پاران اعلانيل هاري پيڪيج رڳو پنجاب لاءِ آهي، سنڌ جي هارين لاءِ ناهي: خورشيد شاهه

سکر(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه  جو چوڻ آهي ته وزيراعظم پاران اعلانيل هاري پيڪيج رڳو پنجاب لاءِ آهي، سنڌ جي هارين لاءِ ناهي. سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جو هاري طبقو تمام گهڻين خراب حالتن ۾ آهي پر هاڻوڪي حڪومت کي هارين ۽ ٻهراڙي واري زندگي جو ڪو به احساس ناهي، ڇو ته حڪمران شهرن ۾ رهن ٿا، 5 هزار في ايڪڙ سان ڪجهه نه ٿيندو، حڪومت هارين کي گهٽ ۾ گهٽ 20 هزار في ايڪڙ ڏئي پر اهو هاري پيڪيج به رڳو پنجاب جي هارين کي ملي رهيو آهي، سنڌ جي هارين کي ڪجهه به نه ٿو ملي. مخالف ڌر جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي، تبديلي رڳو پاڪستان پيپلز پارٽي آڻيندي آهي، هر ڳالهه ۾ هاڻوي حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي، نه ئي بجلي جو جو بحران ختم ٿيو آهي، نه وري سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌيون اهن، لوڊشيڊنگ ختم ڪرن لاءِ وزيراعظم ڪڏهن 3 مهينا ۽ ڪڏهن 2018ع جي ڳالهه ٿو ڪري، سندس ڪهڙي ڳالهه تي يقين ڪجي. خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته حڪومت سال ۾ هڪ بدران 4 ڀيرا بجيٽ پيش ڪري،ائين ڪرڻ سان حڪومت نااهلي ۽ بيڊ گورننس کان بچي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *