وزيراعظم ٻڌائي ته ڇا ڪرپشن رڳو سنڌ ۾ آهي، آصف زرداري رڳو ان جو جواب ڏنو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته وڏي وزير جي 4 ڀيرا احتجاج باوجود سنڌ ۾ ڪارروايون جاري آهن، وزيراعظم ٻڌائي ته ڇا ڪرپشن رڳو سنڌ ۾ آهي، نواز شريف حملو ڪيو  هو، آصف علي زرداري رڳو ان جو جواب ڏنو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته  هـُن ائين ناهي چيو ته آصف علي زرداري تي هٿ وجهڻ سان جنگ جي شروعات ٿيندي، هن رڳو لفظي ۽ قانوني جنگ جو ذڪر ڪيو هو. هن چيو ته وزيراعظم کي ڪاررواين بابت ڄاڻ آهي يا نه، اها الڳ ڳالهه آهي پر نواز شريف ملڪ جو سربراهه آهي ۽ سڀ ادارا ان جي ڪنٽرول هيٺ آهن،کيس سڀ خبر هئڻ گهرجي.  خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم وضاحتڪري ته ڇا ڪرپشن رڳو سنڌ ۾ ٿي رهي آهي، هي راجا رنجيت سنگهه جو دور ناهي، ڊاڪٽر عاصم کي گرفتار ڪرڻ کان اڳ نه نوٽيس موڪليو ويو ۽ نه ئي ڪو جواب گهريو ويو. هن چيو ته ڊاڪٽر عاصم تي دهشتگرد الزامن بعد ايم ڪيو ايم ته دهشتگرد ڊڪليئر ٿي وئي آهي، پوءِ ان تي به پابندي لڳائي استعيفائون منظور ڪيون وڃن. اپوزيشن ليڊر چيو ته پ پ مٿان دهشتگردن جي حمايت جا الزام لڳائيندڙن کي شرم اچڻ گهرجي. آصف علي زرداري جي بيان بابت سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته  نواز شريف حملو ڪيو هو، آصف علي زرداري ان جو جواب ڏنو آهي، غير جانبدار ڪارروايون ڪيون وڃن ته ڪو اعتراض نه هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته رينجرز کي اختيار وفاقي حڪومت ڏنا آهن، سنڌ حڪومت ان کي چيلينج نٿي ڪري سگهجي. خورشيد شاهه چيو ته کين وزيراعظم سان ملڻ جو ڪو به شوق ناهي، حڪومت سان نه ئي فرينڊلي اپوزيشن هئي ۽ نه ئي آهي. اليڪشن ڪميشن ميمبرز بابت سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته اي سي پي ميمبرز ٻڌائين ته سندن خلاف ڇو بيان اچي رهيا آهن، جيڪڏهن اهي وضاحت نٿا ڪن ته کين قوم کان معافي وٺڻ گهرجي. خورشيد شاهه چيو ته تيل اگهن ۾ معمولي گهٽتائي کي رد ڪيون ٿا، حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران ظلم ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *