وزيراعظم ٻڌائي ته چيني صدر پاڪستان جو دورو ڪيو يا پنجاب جو؟: الطاف حسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين چيني صدر جي دوري جي آجيان ڪندي وزيرعاظم نوازشريف کان سوال ڪيو آهي ته چيني صدر پاڪستان جو دورو ڪيو آهي يا پنجاب جو جڏهن ته مناسب هجي ها ته تقريب ۾ پنجاب جي وڏي وزير سان گڏ ٻيا وڏا وزير به شريڪ ٿين ها. جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ڪارڪنن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي الطاف حسين چيو ته ايم ڪيو ايم چيني صدر جي پاڪستاني دوري کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي پر سندس استقبال ۾ وزيراعظم جي نياڻي مريم نواز ڪهڙي حيثيت ۾ شريڪ ٿي، مناسب هجي ته تاريخي موقعي تي سڄي ملڪ جي نمائندگي اُتي موجود هجي ها ۽ پنجاب جي وڏي وزير سميت، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جا وڏي وزير به ايئرپورٽ تي هجن ها. هن چيو ته متحده پاڪستان سڀني جي مفاد ۾ آهي انهيءَ لاءِ صوبن کي نظرانداز نه ڪيو وڃي ۽ ملڪ جي مستقبل سان نه کيڏيو وڃي ۽ اهڙو ڪو عمل نه ڪيو وڃي جنهن سان ننڍن صوبن ۾ احساسي محرومي پيدا ٿئي. هن چيو ته لاهور وانگر ٻين شهرن کي به ترقياتي منصوبن ۾ شامل ڪرڻ گهرجي، ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان گهڻو ٽيڪس ادا ڪري ٿو، سڀ کان وڏي شهر کي ڇا ماس ٽرانزٽ جي ضرورت ناهي ۽ ڇا دهشتگردي جي متاثر پشاور جي عوام جي زخمن تي مرهم رکڻ جي ضرورت ناهي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم سڄي ملڪ جي پوئتي پيل علائقن جي نمائندگي چاهي ٿي انهيءَ لاءِ خدارا پنجاب سان گڏ ٻين صوبن جي عوام جو به خيال رکيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *