وزيراعظم وٽ هڪ منٽ به جواز ناهي ته اهو پنهنجي ڪرسي تي ويهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته حڪمرانن ماضي ۾ سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو، حڪمرانن ادارن کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو، پريس ڪانفرنس ڪندي خورشيد شاهه چيو ته عدالت تي حملو ڪرڻ تي نواز شريف خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي، نواز شريف خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ بدقسمتي جي ڳالهه هئي، هن چيو ته وزيراعظم ۾ جرئت ناهي جو سياسي جماعتن سان محاذ آرائي ڪري سگهي، پيپلز پارٽي پنهنجي ادارن جي پٺيان بيٺل آهي، 2014 ۾ به اسان تي فرينڊلي اپوزيشن جو الزام لڳو، هن چيو ته ن ليگ ماضي ۾ سمورن ادارن سان ٽڪراءَ واري پاليسي اختيار ڪئي، هي 90 جو ڏهاڪو ناهي، وقت بدلجي چڪو آهي، هر حڪومت جو هڪ ترجمان هوندو آهي پر هن وقت جا ست اٺ ترجمان آهن، خورشيد شاهه چيو ته حڪمرانن 4 سالن ۾ ڪو قابل ذڪر ڪم ناهي ڪيو، حڪمرانن هارين کي تباهه ڪري ڇڏيو، هن چيو ته اڳ ۾ 6 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿيندي هئي، هاڻي 9 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ پئي ٿئي، مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته جنهن ڪابينا ۾ وزيراعظم جي استعيفيٰ جو ذڪر اچي وڃي، ان جو وزيراعظم رهڻ شرم جوڳي ڳالهه آهي، وزيراعظم وٽ هڪ منٽ به جواز ناهي ته اهو پنهنجي ڪرسي تي ويهي، وزيراعظم کي پهريون ئي اخلاقي طور استعيفيٰ ڏئي ڇڏڻ گهرجي ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *