وزيراعظم نواز شريف 2 ڏينهن واري سرڪاري دوري تي بحرين پهچي ويو

اسلام آباد(بيورو)  وزيراعظم ميان نوازشريف ٻن ڏينهن جي دوري تي بحرين پهچي ويو آهي،سندس چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ سهڪار جا نوان رستا کلندا. وزيراعظم نواز شريف وفد سميت بحرين جي دوري تي پهتو. ٻڌايو  پيو وڃي ته وزيراعظم بحرين جي حڪمرانن سان ٻه طرفن لاڳاپن  سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بحرين سان اهم معاهده پڻ ٿيڻ جو امڪان آهي. بحرين ۾ نواز شريف هم منصف سان ملاقات ڪري اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون.بحرين روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته بحرين جي دوري سان لاڳاپا مضبوط ٿيندا. هن چيو ته سندس بحرين جي دوري سان ترقي جا نوان رستا کلندا. نواب شريف جو چوڻ هو ته بحرين توانائي جي شعبي ۾ پاڪستان جي مدد ڪري سگهي ٿو. وزير اعظم چيو ته هو بحرين سان مضبوط اقتصادي لاڳاپن جا خواهشمد آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *