وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويا

رياض (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم نواز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويا. شاهه سعود ايئرپورٽ تي اعليٰ سعودي اختيارين وزير اعظم نواز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف جي آجيان ڪئي. سعودي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز جي خاص دعوت تي سعودي عرب پهتل وزير اعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سعودي قيادت سان ٻطرفي معاملن ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته سعودي قيادت سان ملاقاتن ۾ 34 ملڪن جي اتحاد ۾ پاڪستان جي واضح ڪردار بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم نواز شريف ۽ جنرل راحيل شريف دوري دوران 21 ملڪن جي فوجن تي ٻڌل دهشتگردي جي خاتمي وارين مشقن رعد الشمس جو جائزو وٺندا، جڏهن ته پڄاڻي واري تقريب ۾ شريڪ به ٿيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *