وزيراعظم نوازشريف پاران افغانستان سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار

اوفا (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نوازشريف افغانستان سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪ افغان لاڳاپا بهتر ٿيڻ نهايت حوصله افزا آهي جڏهن ته افغان صدر اشرف غني افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندي هن اميد جو اظهار ڪيو ته ان سان ملڪ ۾ ڊگهي مدي امن قائم ٿيندو وزراعظم نوازشريف ۽ افغان صدر اشرف غني شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفو لاڳاپا دهشتگردي خلاف جنگ ۽ خطي جي صورتحال سميت مختلف معاملا غور هيٺ آيا ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي سربراهن لاڳاپن کي مضبوط بنيادن تي قائم ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون جي ضرورت تي زور ڀريو وزرياعظم نوازشريف چيو ته چئليجنز کي منهن ڏيڻ لاءِ ثابت قدمي ضروري آهي مضبوط بنيادن تي لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون اڻٽر آهي ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاران 7 جولاءِ تي افغانستان ۾ قيام امن ۽ استحڪام لاءِ افغان حڪومت ۽ افغان طالبان وچ ۾ مري ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *