وزيراعظم نوازشريف جي چيني صدر سان ملاقات، ٻطرفو لاڳاپا ۽ خطي جي صورتحال تي ڳالهيون

اوفا (اين اين آءِ) وزيراعظم نوازشريف چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرشپ لاءِ چين جي تعاون جو قدر ڪيون ٿا شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم نوازشريف ۽ چين جي صدر شي چن پنگ وچ ۾ روس جي شهر اوفا ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪ چين دوستي سميت ٻين اهم معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون وزرياعظم نوازشريف چيو ته چين پاڪستان جو بهترين دوست آهي ۽ اسان کي ٻنهي ملڪن جي دوستي تي ناز آهي ملاقات ۾ وزيراعظم نوازشريف ڀارتي هم منصب نريندرمودي سان ملاقات جو تفصيل شيئر ڪيو وزيراعظم چيو ته چين سان دوستي اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم جز آهي چيني صدر ۽ ان جي زال جي پاڪستان جي دوري عوام جون دليون ۽ دماغ کٽي ورتا اقتصادي راهداري جي منصوبن ۾ چيني صدر شي چن پنگ جي دلچسپي جو قدر ڪيون ٿا هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرشپ لاءِ چين جي تعاون جو قدر ڪيون ٿا ۽ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ موثر ڪردار لاءِ تيار آهيون چين جي صدر جو ان موقعي تي چوڻ هو ته پاڪستان سان لاڳاپا چين جو اولين ايجنڊا آهي ۽ صدر پاڪستان ممنون حسين جي چين جي دوري جا منتظر آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *