وزيراعظم لاهور اسپتال ۾ وڪيلن جي هنگامن واري واقعي تي نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب، وڏي وزير جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد /لاهور(م.ڊ) وزيراعظم عمران خان لاهور اسپتال ۾ وڪيلن جي هنگامن واري واقعي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، پنجاب جي وڏي وزير چيو آهي ته وڊيو تڪرار تي ٺاهه ٿي ويو هو، پوءِ به هنگاما ڪيا ويا، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم عمران خان لاهور ۾ ڪارڊيو اسپتال اندر وڪيلن جي هنگامي ۽ چڪرين واري واقعي جو نوٽيس ورتو آهي. وزيراعظم طرفان پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب کان رپورٽ پڻ طلب ڪئي وئي آهي, ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بُزدار چيو ته موجوده صورتحال کانپوءِ امن امان جي حوالي سان اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، هو سڌو لاهور وڃي صورتحال جو جائزو وٺندو. وڪيلن تي چٿرن واري ينگ ڊاڪٽرز جي وڊيو تي پيدا ٿيل تڪرار جي حوالي سان پنجاب جي وڏي وزير چيو ته معاملي تي ٺاهه ٿي ويو هو، هنگامن ۽ ڀڃ ڊاهه ۾ جيڪو به ملوث هوندو، اُن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.  ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي (پي آءِ سي) تي ڪاهه واري واقعي جي جاچ لاءِ قانون واري وزير جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. عثمان بوزدار لاهور ۾ پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي ۾ وڪيلن طرفان ڀڃ داهه جو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ لاڳاپيل اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. پنجاب جي وڏي وزير واقعي جي جاچ لاءِ قانون واري وزير راجا بشارت جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي پڻ جوڙي آهي، جنهن ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، آءِ جي پوليس، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري اسپيشلائزڊ هيلٿ اينڊ ميڊيڪل ايجوڪيشن شامل آهن. ڪميٽي واقعي بابت جاچ ڪري رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪندي، جنهن کي نظر ۾ رکندي ذميوارن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ان ڏس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مسئلي تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو، جيڪو به ملوث هوندو، ان خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. واضح رهي ته لاهور ۾ پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي (پي آءِ سي) ۾ اڄ وڪيلن ڪاهه ڪري اسپتال اندر ۽ ٻاهر ڀڃ ڊاهه ڪئي، جنهن سبب طبي امداد نه ملڻ جي ڪري 4 مريض فوت ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان پڻ واقعي جو نوٽيس ورتو آهي. گرينڊ هيلٿ الائنس جي چيئرمين ڊاڪٽر سلمان حسيب موجب ان پرتشدد مظاهري دوران 4 مريض زندگي جي جنگ هارائي ويا پر رپورٽن موجب مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئي ۽ وڪيلن طرفان ايمرجنسي وارڊن ۾ گهڙڻ کانپوءِ کين طبي امداد نه ملي سگهي. واضح رهي ته ڄاڻايل معاملو ان وقت شروع ٿيو، جڏهن وڪيلن الزام هنيو ته وائرل ٿيندڙ هڪ ويڊيو ۾ ينگ ڊاڪٽر وڪيلن تي ٽوڪَ ڪري رهيا هئا، جنهن تي هنن سوشل ميڊيا تي مهم هلائي پر ڊاڪٽرن موجب وڪيلن جو هڪ ڌڙو انسپيڪٽر جنرل وٽ ويو هو ۽ کيس چيو هو ته ٻن ڊاڪٽرن خلاف اي ٽي اي جي قلم 7 تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي پر انهن جي بقول آءِ جي ان معاملي تي انڪار ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *