
اسلام آباد(م.ڊ) وزيراعظم عمران خان سان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ون آن ون ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم ۽ سعودي ولي عهد جي ملاقات وزيراعظم هائوس اسلام آباد ٿي. ملاقات ۾ پاڪ_سعودي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچس/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 39
پي وارن معاملن تي خالن جي ڏي وٺ ٿي. ان کانپوءِ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٺاهن تي صحي ڪرڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان به موجود هئا. ٻنهي ملڪن وچ جي وفدن مختلف ٺاهن تي صحيحون ڪيون.
پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ اسٽينڊرائزيشن واري شعبي ۾ ٽيڪنيڪي سهڪار ۽ نوجوان جي معاملن ۽ راندين جي شعبي ۾ سهڪار جو معاهدو ڪيو ويو. ٻنهي ملڪن بجلي جي پيداوار جي شعبي ۽ معدني وسيلن واري شعبي ۾ ٺاهه تي صحيحون ڪيون، جڏهن ته ريفائنري پيٽروڪيميڪل پلانٽ جي قيام ۽ متبادل توانائي وارين شين جي ترقي لاءِ مفاهمتي يادداشت تي پڻ صحي ڪئي وئي.
ٺاهن واري تقريب کانپوءِ وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي اعزاز ۾ ڊنر ڏنو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وفدن شرڪت ڪئي. ڊنر ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد به موجود هو.