وزيراعظم طرفان برطانيا جي ڪنزرويٽو پارٽي ۽ ان جي قيادت کي عام چونڊن ۾ واضح اڪثريت حاصل ڪرڻ تي مبارڪون

اسلام آباد (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف برطانيا جي ڪنزرويٽو پارٽي ۽ ان جي قيادت کي ملڪ ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ واضح اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن، وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم محمد نواز شريف برطانوي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون کي پنهنجي دل جي گهراين سان پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستانبرطانيا سان ٻه طرفن مضبوط ناتن سان لطف اندوز ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي، هن اعتماد ظاهر ڪيو ته ڪنزرويٽو پارٽي جي ايندڙ مدي ۾ ٻه طرفن ناتن خاص طور تي واپار ۽ معيشت جي شعبن م ناتا نين بلندين کي ڇهندا، وزيراعظم محمد نواز شريف برطانيا ۾ چونڊ دوران ڪاميابي حاصل ڪندڙ پاڪستاني برادري جي ميمبرن کي به مبارڪون پيش ڪيون، هن اميد ظاهر ڪئي ته هو برطانيا ۽ پاڪستان جي دوستاڻن ناتن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *