وزيراعظم طرفان برساتن سبب چترال ۾ ٻوڏ جي ڪري جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد(اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب چترال ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم محمد نواز شريف اڱاري ڏينهن ئي چترال جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تي وڃڻ چاهي پيو پر موسم خراب هجڻ جي ڪري لاهور مان نه نڪري سگهيو. وزيراعظم موسم جي صورتحال بهتر ٿيندي ئي متاثر علائقن جو دورو ڪندو. وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي آهي ته صوبائي ڊزاسٽر مينيجمين ٽ اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان گڏجي رليف ۽ ريسڪيو جي ڪوششن کي تيز ڪيو وڃي. اين ڊي ايم اي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ سرگرميون اڳ ئي شروع ڪيون ويون آهن. وزيراعظم نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي به هدايت ڪئي آهي ته اين 45 کي کليو رکيو وڃي جيڪو چترال کي قومي شاهراه واري نيٽ ورڪ سان ملائي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *