وزيراعظم سياسي نه قومي مفاد ۾ جرئتمنداڻا فيصلا ڪيا، پيدائشي ڊيفيڪٽڊ جو بيان ڪنهن خاص شخص لاءِ نه هو: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) اطلاعات بابت وزيراعظم جي جي صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سندس ڄائي ڄم کان ڊفيڪٽيڊ وارو بيان ڪنهن خاص ماڻهو لاءِ نه هو جنهن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد هجي اهو ڊفيڪٽيڊ آهي تفصيل موجب گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عمران خان جو مينڊيٽ آهي کيس پارليامينٽ پهريان سليڪٽيڊ چيو پوءِ پنهنجي ووت سان اليڪٽ ڪيو پر هڪ ماڻهو اهڙو به آهي جنهن کي سڄي ڄمار لاءِ سپريم ڪورٽ ريجيڪٽ ڪيو سليڪٽيڊ، اليڪٽيڊ ۽ هڪ سڄي ڄمار لاءِ رجيڪٽيڊ جي ڳالهه ٿيڻ گهرجي ان سان گڏ هڪ سياسي ليڊر اهڙو به آهي جيڪو ڄائي ڄم کان ڊفيڪٽيڊ آهي ان حوالي سان خانگي ٽي وي هڪ پروگرام ۾ خيالن جو اظهار ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڄائي ڄم کان ڊفيڪٽيڊ طبي اصطلاح آهي ۽ ان کي سياست جو رنگ ڇو پيو ڏنو وڃي پنهنجن لفظن تي قائم آهيان بيان ڪنهن خاص شخص لاءِ نه هو هن چيو ته هر اهو شخص جنهن جو پنهنجو عمل ان جي زبان جو ساٿ نه ڏي ۽ اهو ڄائي ڄم کان ڊفيڪٽيڊ آهي ڪوبه سياسي شخص ٿي سگهي ٿو جنهن ۾ ڄائي ڄم کان نقص هجن، ڄائي ڄم کان نقص جسماني، ذهني ۽ نفسياتي طور ڪنهن ۾ به ٿي سگهن ٿا ٻئي پاسي پنهنجي بيان ۾ عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم عمران خان ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽيڪس اڳاڙي کي تحريڪ جي شڪل ڏني. پاڪستان کي پنهنجن پيرن تي بيهارڻ لاءِ عملي قدم ڪپتان کنيو هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي عمل سان ثابت ڪيو ته اسان قوم بڻجي محتياجي جي ڌٻڻ مان نڪرڻ جي جدوجهد ڪيون وزيراعظم سياسي نه قومي مفاد ۾ جرئت منداڻا فيصلا ڪيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *