وزيراعظم سان ڳالهين کان انڪار ڪندڙ ڪنهن سان ڳالهيون ڪندا نالو ٻڌائين ته اسان ڳالهيون ڪرائينداسين: شيخ رشيد

اسلام آباد (م.ڊ)  وزيراعظم سان ڳالهين کان انڪار ڪندڙ پي ڊي ايم وارا ڪنهن سان ڳالهيون ڪرڻ گهرن ٿا، نالو ٻڌائين ته اسان ڳالهيون ڪرائينداسين، حڪومت ڳالهين جا در بند ڪرڻ نٿي گهري، وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته نواز شريف صاحب! هاڻي گهڻو ٿي ويو، وفا ڪندئو ته وفا ڪنداسين، توهان جيڪو ڪندئو، اُهو ئي اسان ڪري ڏيکارينداسين، اپوزيشن لانگ مارچ ۽ استعيفائن جو شوق پورو ڪري، عمران خان واضح ڪري ڇڏيو آهي ته نيب ۽ اين آر او کانسواءِ ٻين سمورن مامرن تي ڳالهائي سگهجي ٿو، سج اولهه کان اُڀري سگهي ٿو، پر عمران خان اپوزيشن کي اين آر او نه ڏيندو، سزايافتا ڏوهاري نواز شريف دفاعي ادارن خلاف غلط فهميون پيدا ڪرڻ گهري ٿو، نواز شريف کي گذارش ڪريان ٿو ملڪ آهي ته اسان آهيون ۽ سياست آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *