وزيراعظم سان ڪور ڪمانڊر ڪراچي جي ملاقات، سنڌ حڪومت جي انتظامي معاملن تي شڪايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي ايڪشن پلان جي حوالي سان گورنر هائوس ڪراچي ۾ سومر تي ٿيل اجلاس کان اڳ وزيراعظم سان ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار ملاقات ڪئي ذريعن مطابق ملاقات ۾ ڪور ڪماندر ڪراچي وزيراعظم کي سنڌ حڪومت جي انتظامي معاملن تي شڪايت ڪئي ذريعن مطابق ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار وزيراعظم کان شڪايت ڪئي ته سنڌ حڪومت جي انتظامي ۽ نااهلي سبب معاملا هلائڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي سنڌ حڪومت گذريل هڪ مهيني دوران 3 ڀيري گهرو سيڪريٽري تبديل ڪيا آهن جنهن جي ڪري انتطامي معاملا هلائڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *