وزيراعظم سان پاڪ فضائيه جي سربراهه جي ملاقات، پيشاواراڻي معاملن تي ڳالهيون

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نوازشريف چيو آهي ته ملڪ ۾ دهشتگردي جي پاڙ پٽي سک سان ويهنداسين اڱاري تي وزيراعظممحمد نوازشريف سان هوائي فوج جي سربراهه سهيل امان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ملاقات ۾ هوائي فوج جي پيشاوراڻي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون پاڪ فضائيه جي سربراهه وزيراعظم کي پاڪ فضائيه جي پيشاوراڻي معاملن، آپريشنل تيارين بابت آگاهه ڪيو ملاقات ۾ پشاور ۾ بڊبير جي پاڪ فضائيه بيس تي ٿيل حملي بابت مختلف پهلوئن تي غور ڪيو ويو وزيراعظم حملو ناڪام بنائڻ تي پاڪ فضائيه جي جوانن جي جذبي ۽ بهادري جي واکاڻ ڪئي انموقعي تي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردفي جي پاڙ پٽي سک سان ويهنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *