وزيراعظم سان عهدو ڇڏيندڙ آمريڪي سفير جي الوداعي ملاقات، ٻه طرفن لاڳاپين تي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف، ايندڙ مهيني پاڪستان ۾ مقرري جو مدو پورو ڪندڙ آمريڪي سفير جِي خدمتن جي ساراهه ڪندَي چيو آهي ته رچرڊ اولسن پاڪ-آمريڪا لاڳاپن جِي مضبوطي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. آمريڪيسفير رچرڊ اولسن پي ايم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم ميان نواز شريف سان الوداعي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ-آمريڪا لاڳاپن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته رچرڊ اولسن پاڪ آمريڪا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. ميان نواز شريف اميد ڏيکاري ته پاڪستان ۾ نئون مقرر ٿيندڙ سفير به ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ڪرڻ پنهنجو ڪردار ڀرپور نموني ادا ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *