وزيراعظم سان ايم ڪيو ايم وفد جي ملاقات، ڪراچي آپريشن تي خدشا ظاهر

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ڪراچي جي عوام پهرين ئي مشڪلاتن ۾ ورتل آهي، سياسي پارٽين جي اخلاقي ذميداري آهي ته هو ڪراچي ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ پرخلوص ڪوششن ڪن، ڏوهاري عنصرن جي خلاف آپريشن انهن جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهندو، اهڙن خيالن جو  اظهار هن ڪالهه هتي وزيراعظم هائوس ۾ متحده قومي موومينٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪراچي ۾ آپريشن سمورن پارٽين جي اتفاق راءِ سان شروع ڪيو ويو آهي ۽ هي شهر مان سمورن ڏوهاري عنصرن جي خاتمي تائين جاري رهندو، هن چيو ته آپريشن ڪنهن خاص پارٽي يا گروپ جي خلاف نه آهي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو دهشتگردن ۽ ڏوهاري عنصرن خلاف بنا ڪنهن متڀيد جي ڪارروائي ڪن ته جئين ماڻهن کي انهن مان نجات ملي سگهي، وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ (ن) ڇڪتاڻ جي پاليسي تي يقين نٿي رکي، اسان جمهوريت جي بحالي ۽ قانون جي حڪمراني برقرار رکڻ لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ ماضي مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي، هن چيو ته اسان تمام مشڪل حالتن کي منهن ڏنو آهي پر اصولن تي ڪڏهن به ٺاهه نه ڪيو، متحده جي وفد ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار، عبدالرشيد گوڊيل ۽ خالد مصطفيٰ صديقي شامل هئا، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير پرويز رشيد، ريلوي جو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق ۽ وزيراعظم جو پوليٽيڪل سيڪريٽري ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي به موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *