وزيراعظم سان اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن ڊي جي مظهر جميل جي ملاقات. ائٽمي، ميزائل ۽ خلائي پروگرام متعلق معاملن تي ويچار

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف دفاعي صلاحيت کي مضبوط ڪرڻ ۾ اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن جي ڪردار جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن کي مستحڪم بنائڻ ۾ ايس پي ڊي جو ڪردار اهم آهي. وزيراعظم نواز شريف سان اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل مظهر جميل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي ائٽمي، ميزائل ۽ خلائي پروگرام متعلق معاملن تي ويچاريو ويو. ليفٽيننٽ جنرل مظهر جميل اهم ذميداري سونپڻ ۽ اعتماد تي وزيراعظم جو شڪريو ادا ڪيو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن کي مستحڪم بنائڻ ۾ ايس پي ڊي جو ڪردار اهم آهي، اميد آهي اوهان جي ڪمان ۾ ڊويزن پنهنجو ڪم جاري رکندي. وزيراعظم نواز شريف اسٽريٽجڪ پلانز ڊويزن طرفان اهم تنصيبات جي سيڪيورٽي ۽ سيفٽي جي ميڪنزم کي به ساراهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *