وزيراعظم سان آمريڪي سفير جي ملاقات، پاڪستان دهشتگردي کان سخت متاثر ٿيو آهي: نواز شريف

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم نواز شريف سان آمريڪي سفير رچرڊ اولسن جي ملاقات، آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري جي پاڪستان جي دوري سميت ٻين گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ميڊيا جي رپورٽن موجب سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير رچرڊ اولسن وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري جي پاڪستان جي دوري ۽ پاڪ آمريڪا تعلقات تي خيالن جي ڏي وٺ  ڪئي وئي، ان موقعي تي سفير پشاور سانحي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته معصوم ٻارڙن جي قتل تي گهڻو ڏک ٿيو آهي آمريڪا خطي ۾ امن جو خواهان آهي، پاڪستان سان آمريڪا تعلقات کي وڏي اهميت ڏئي ٿو، جان ڪيري جو پاڪستان جو دورو به پنهنجي اهميت جو حامل آهي، آمريڪا پاڪستان کي پنهنجو اتحادي سمجهي ٿو، قومي ايڪشن پلان بابت آمريڪي سفير کي بريف ڪيو ويو آهي، وزيراعظم چيو ته آمريڪا وانگر پاڪستان به آمريڪا سان تعلقات کي اهميت ڏئي ٿو، سموري قوم دهشتگردي خلاف گڏ ٿي وئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *