وزيراعظم سان آرمي چيف جي ملاقات، ڪراچي آپريشن ۽ تازا ترين صورتحال تي غور

اسلام آباد (بيورو) آرمي چيف جنرل راحيل شريف وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب ۽ ڪراچي ۾ امن لاءِ کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وزيراعظم هائوس ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي، ان موقعي  تي ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار به موجود هو، ملاقات  دوران ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال، آپريشن ضرب عضب ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ڏکڻ وزيرستان جي آءِ ڊي پيز جي اباڻن علائقن ۾ واپسي سميت ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وزيراعظم ۽ آرمي چيف وچ ۾ ملاقات ۾ ڪراچي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڏوهاري ماڻهن خلاف آپريشن ۽ ان جي اثرن تي به تفصيلي غور ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *