وزيراعظم جي پرڏيهي دورن تي 81 ڪروڙ رپيا خرچ آيو: تفصيل پڌرا

اسلام آباد (بيورو)قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي پرڏيهي دورن جا تفصيل پيش ڪيا ويا آهن، پرڏيهي وزرارت جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي 2013 دوران پرڏيهي دورن تي 21 ڪروڙ ۽ 2014 ۾ 60 ڪروڙ رپيا خرچ آيو، جڏهن ته واپار واري وفاقي وزير خرم دستگير جو چوڻ آهي ته عرب شهزادن کي خير سگالي واري جذبي تحت شڪار جي اجازت ڏني وئي آهي. اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو پيو وڃي. ايوان ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبر اسد عمر، وزيراعظم جي پرڏيهي دورن جي خرچن وارو سوال اٿاريو، جنهن جي جواب ۾ پرڏيهي وزارت پاران لکت ۾ وزيراعظم جي پرڏيهي دورن جا تفصيل پيش ڪيا ويا. پرڏيهي وزارت ايوان کي ٻڌايو ته 2013 ۾ وزيراعظم جي پرڏيهي دورن تي 21 ڪروڙ ۽ هلندڙ سال 60 ڪروڙ 60 لک رپيا خرچ آيو آهي. اجلاس ۾ پ پ ايم اين اي نفيسه شاهه عرب شهزادن کي شڪار جي اجازت ڏيڻ وارو نقطو اٿاريو، جنهن جي جواب ۾ واپار واري وفاقي وزير خرم دستگير ايوان چيو ته ارب شهزادن کي شڪار جي اجازت واري پاليسي ڏهاڪن کان هلندي پئي اچي، اها پاليسي خير سگالي تحت آندي وئي آهي. خرم دستگير چيو ته ان پاليسي سان علائقن ۾ اسپتالون تعيمر ٿين ٿيون، ايئرپورٽ جي اڏاوت ڪئي ويندي آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي روزگار پڻ ملندو آهي. واپار واري چيو ته جيڪڏهن ايوان چاهي ته ان معاملي تي بحث قومي اسيمبلي ۾ بحث ڪرائي سگهجي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *