
لاهور (اين اين آءِ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف وچ ۾ رائيونڊ ۾ملاقات ٿي، ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف، اسحاق ڊار ۽ ٻيا به موجود هئا، ان موقعي تي قومي نوعيت جي اهم معاملن سميت ملڪ جي گڏيل صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ملاقات ۾ حڪومت پاران عوام جي مفاد ۾ جاري ترقياتي پروگرام کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، وزيراعظم مختلف پارٽين جي ميمبرن ۽ پارٽي ميمبرن سان ٿيندڙ ملاقات جي حوالي سان به نواز شريف کي آگاهه ڪيو، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين کي مانجهاندو به ڏنو ويو، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خاص جهاز ذريعي پنجاب پهتو ته پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف، چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي پنجاب ۽ ٻين اعليٰ عملدارن سندس آجيان ڪئي.