وزيراعظم جي عهدي تان هٽڻ بعد عمران خان ۽ پرويز الاهي وچ ۾ رابطو، سياسي معاملا بھتر نموني ھلائڻ تي اتفاق

ڪراچي (م.ڊ) وزيراعظم جي عهدي کان هٽڻ کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، ٻنهي اڳواڻن موجوده سياسي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي، پرويز الاهي عمران خان کي يقين ڏياريو ته سياسي معاملا بهتر نموني سان هلائيندا، ٻنهي اڳواڻن پنجاب ۾ وڏي وزير جي چونڊ بابت رابطن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ان موقعي تي عمران خان جو چوڻ هو ته هو پنجاب جي وڏي وزير لاءِ توهان کي مڪمل حمايت ڪنداسين

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *